Book Name:Kamil Momin Kon

جون سنتون اپنائيندا هئا، قرآن مجيد جي ٻڌايل اصولن تي هلندا هئا، دنيا ۾ انهن جي ڌوم هئي، رب ڪائنات انهن کي ترقي عطا ڪئي هئي، انهن کي عروج بخشيو ويو هو، ڪافر انهن تي رشڪ ڪندا هئا، ايستائين جو انهن جي اخلاق ۽ ڪردار کان متاثر ٿي ڪفار ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندا هئا. اچو! ان جي هڪ حسين جهلڪ پيش ڪريان ٿو جيئن.

 اخلاق ڏسي ڪري ڪافر مسلمان ٿي ويو

 حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري هڪ گهر ڪِرائي تي ورتو، ان گهر سان گڏ ئي هڪ يهودي جو گهر هو. اهو يهودي بُغض و عناد (دشمني) جي سبب نيساري جي ذريعي گندو پاڻي ۽ غلاظت پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گهر ۾ وجهندو رهندو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ناپاڪي کي صاف ڪري خاموش ٿي ويندا هئا، آخرڪار هڪ ڏينهن ان يهودي پاڻ اچي ڪري چيو: جناب! منهنجي نيساري مان ڪِرڻ واري ناپاڪي جي ڪري اوهان کي ڪا شڪايت ته ناهي؟ فرمايائون: نيساري مان جيڪا گندگي ڪِرندي آهي، ان کي ڌوئي ڇڏيندو آهيان، يهودي چيو: اوهان کي ايڏي تڪليف جي باوجود ڪاوڙ ناهي ايندي؟ فرمايائون ايندي ته آهي پر پِي ڇڏيندو آهيان ڇوته (سيپارو: 4، سورتِ آلِ عمران آيت نمبر 134 ۾) الله پاڪ جو فرمانِ محبت نشان آهي:

وَ الْكٰظِمِیْنَ الْغَیْظَ وَ الْعَافِیْنَ عَنِ النَّاسِؕ-وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴) (پارہ:4،سورۂ آلِ عمران:134)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ غصو پيئڻ وارا ۽ درگذر ڪرڻ وارا آهن ۽ الله نيڪ ماڻهن کي پسند فرمائيندو آهي.

   حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو پيارو جواب ٻڌي ڪري اهو يهودي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.[1]


 

 



1... تذکرۃ الاولیا ، جلد:1، صفحہ:51۔