Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

ترجموڪنزُالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جنت جي طرف ڊوڙو جنهن جي وسعت آسمانن ۽ زمين جي برابر آهي. اها پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. (پارہ:4، آل عمران:133)

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! آيتِ ڪريمه ۾ صاف فرمايو ويو: جنت جي طرف ڊوڙي پهچو...!! ڪهڙي جنت...؟ اها جنت جو جيڪڏهن 7 آسمانن کي گڏ جوڙي ڪري وڇايو وڃي، پوءِ 7 زمينن کي به ائين ئي جوڙي ڪري وڇايو وڃي ته جيترو فاصلو ٿيندو، جنت جي ويڪر ايتري بلڪه ان کان به وڌيڪ آهي ۽ هي ته ان جي ويڪر جي ڳالهه آهي، ڊيگهه ڪيتري آهي، هي ته عقل ۾ اچي نٿي سگهي بلڪه عالم سڳورا فرمائن ٿا: هي به صرف جنت جي هڪ طبقي جي ويڪر آهي، باقي جنت ڪيتري وڏي آهي، ان جو ته اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي.[1]

ته الله پاڪ فرمائي ٿو: اي منهنجا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جا غلامؤ! هن عظيمُ الشان جنت جي طرف ڊوڙي پئو...!! جلدي هلو! ڏسو! اسان هن دنيا ۾ سفر ڪندا آهيون. * ڪجھ سفر پيادل ڪيا ويندا آهن. * ڪجھ سائيڪل يا موٽر سائيڪل تي ڪيا ويندا آهن. * ڪجھ سفر بس يا ڪار وغيره تي ڪيا ويندا آهن. * ۽ جيڪڏهن ڪٿي جلدي وڃڻو هجي ته جهاز ذريعي اڏامي ڪري سفر ڪندا آهيون، يعني موجوده دور ۾ تيز ترين سفر جهاز جو آهي، الله پاڪ اسان کي حڪم ڏنو آهي ته جنت جي طرف ڊوڙو! مطلب ڇا آهي؟ هي ته تيز کان تيز ترين سفر جيڪو توهان ڪري سگهو ٿا، اوترو تيز سفر ڪري جنت جي طرف پهچو...!! ڪيئن پهچڻو آهي؟ * نمازون پڙهي، روزا رکي، * حج جي ذريعي، *


 

 



[1] تفسیرِ نعیمی، پارہ:4، ال عمران، زیر آیت:133، جلد:4، صفحہ:203