Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

افسوس! ڪيئي مهينن تائين قرآنِ ڪريم جي زيارت تائين نصيب نٿي ٿئي. اسان ڄاڻون ٿا ته ذڪر الله جي برڪت سان جنت ملندي آهي پر فضول ڳالهيون، سوشل ميڊيا، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٽويٽر وغيره سان فرصت ئي نٿي ملي. * اسان ڄاڻون ٿا ته سٺا اخلاق جنت ۾ وڃڻ جو ذريعو آهن پر ڇا ڪريون؟ غصو گهڻو ايندو آهي. * اسان کي خبر آهي ته ماءُ پيءُ جي خدمت ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي جو ذريعو آهي. * اسان ڄاڻون ٿا ته سچ جنت جو ۽ ڪوڙ جهنم جو رستو آهي. *اسان ڄاڻون ٿا ته لڙائي جھگڙا، گارگند وغيره جهنم ۾ وڃڻ جو سبب آهن. اسان کي هي به خبر آهي ته ڳائڻ وغيره گناھ جهنم ۾ وٺي ويندا آهن پر افسوس...!! اسان وٽ عام طور جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن کي نه بلڪه جهنم جو حقدار بڻائڻ وارن ڪمن کي ترجيح ڏني ويندي آهي .

اي عاشقانِ اهل بيت! ٻڌي وٺو! حضرت حُرۡ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي زندگي اسان کي هي سبق ڏئي رهي آهي ته سر ڪٽجي ٿو ته ڪٽجي وڃي، جان وڃي ٿي ته هلي وڃي پر هڪ مسلمان جو قدم اٿي ٿو ته صرف جنت جي طرف اُٿي ٿو، هڪ مسلمان طلبگار آهي ته صرف جنت جو طلبگار آهي، مسلمان مال و دولت، عيش و عشرت، شهرت و عزت کي ناهي ڏسندو، هڪ سچو مسلمان الله و رسول جي رضا جي پٺيان هلندي جنت ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هي ئي مسلمانن جي شان آهي ۽ انهيءَ جو اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ سَارِعُوْۤا اِلٰی مَغْفِرَۃٍ  مِّنْ رَّبِّکُمْ وَ جَنَّۃٍ عَرْضُہَا السَّمٰوٰتُ وَ الْاَرْضُ ۙ اُعِدَّتْ  لِلْمُتَّقِیْنَ (۱۳۳)