Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

ايندي نظر آيا! انهن کي ڏسي فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بي چين ٿي ويا ۽ فرمايائون: خدا جي قسم! ڪپڙا ورهائڻ تي مون کي بالڪل خوشي نه ٿي! عرض ڪيو ويو: اي امير المؤمنين! ان جو ڇا سبب آهي؟ فرمايائون: انهن ٻنهي شهزادن کي ته ڪپڙا پيش ئي نه ٿيا۔ پوءِ پاڻ فوراً يمن جي گورنر کي خط لکيائون، فرمايائون: فوراً 2 بهترين ۽ قيمتي جوڙا موڪليا وڃن۔ جيئن ته 2 بهترين ۽ قيمتي جوڙا حاضر ڪيا ويا، پاڻ حسنين ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کي پيش ڪيا، جڏهن انهن نوان ۽ قيمتي ڪپڙا پهري ورتا ته فرمايائون: ها! هاڻي منهنجي دل کي چين آيو آهي۔([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  جو...!! هي بلند مَرتبي وارا ماڻهو پياري آقا جي پيارن شهزادن سان ڪيتري حد تائين محبت ڪندا هئا...!! الله پاڪ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي صدقي اسان کي به امامِ حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُما جي سچي پڪي محبت نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اهو جنت ۾ اسان سان گڏ هوندو......!!

 امامِ عالي مقام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  جو فرمانِ عالي شان آهي: جيڪو اسان سان دنيا جي خاطر محبت ڪري ٿو ته بيشڪ دُنيا دار ته ڪنهن به نيڪ يا بد سان محبت ڪري وٺندو آهي، ها! جيڪو اسان سان صِرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي خاطر محبت ڪري ٿو، اهو ۽ اسان قيامت جي ڏينهن هيئن گڏ هونداسين، هي چئي ڪري امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي شهادت واري آڱر ۽ ان سان گڏ واري آڱر کي ملائي ڇڏيو. ([2])


 

 



[1]...سیر اعلام النبلاء، جلد:4، صفحہ:406۔

[2]...معجم کبیر، جلد:2، صفحہ:247، حدیث:2811۔