Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

اچي ويندي * مدني قافلن ۾ سفر ڪندا ڪريو! نيڪ اعمال تي عمل ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! قرآن شريف تي عمل ڪرڻ نصيب ٿي ويندو۔

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآن عام ہو جائے                                                                        ہر اِک پرچم سے اُونچا پرچمِ اسلام ہو جائے

 (3) امام حُسين جي سُنّت سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرتِ پاڪ جو هڪ نمايان پهلو اهو به آهي ته پاڻ سُنّت سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، پنهنجي ناني سائين جي پيروي ڪرڻ، سندن جي ادائن کي اپنائڻ ۽ جيترو ٿي سگهي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مشابهت اختيار ڪرڻ کين تمام گهڻو پسند هو۔ حضرت سفيان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون عبيدالله کان پڇيو: ڇا توهان امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي زيارت ڪئي آهي؟ چيائين: هائو! مون زيارت ڪئي آهي، جڏهن مون زيارت جو شرف پاتو، ان وقت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مٿي ۽ ڏاڙهي مبارڪ تي مهندي لڳائي هئي پر ڏاڙهي مبارڪ جي سامهون ڪجهه وار اڇا ئي ڇڏي ڏنا هئا، منهنجي خيال ۾ پاڻ اهي وار پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي ۾ ڇڏيا هئا (ڇو ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڙهي مبارڪ جي سامهون جا ڪجهه وار به اڇا هئا)۔ ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي شان آهي...!! امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ رسولِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا شهزادا آهن، سندن ظاهري صورت ائين ئي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ملندي هئي، ان سان گڏوگڏ پاڻ هي اهتمام ڪندا هئا ته ادائون به محبوب ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جهڙيون ئي رهن۔

لباس مبارڪ ۾ سنتن جو لحاظ

 امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو درزي جنهن سان پاڻ ڪپڙا سبرايا، اهو چوي ٿو: مون امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي عرض ڪيو: لباس جي ڊگھائي


 

 



[1]... البدایہ و النہایہ، جز:8، جلد:4، صفحہ:546۔