Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

حديث *۽ شريعتِ مُطَهره سان محبت ۽ اُلفت وغيره جو بيان ٻڌنداسين. اچو! ان کان اڳ هڪ ايمان اَفروز حديثِ پاڪ ۽ ان جي مختصر شرح ٻڌون ٿا:

شانِ حسنين ۾ عظيم محفل

عظيم مُحدِث امام طَبراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه معجمِ ڪبير ۾ ذڪر ڪن ٿا. حضرت عبداللہ بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ، جيڪي صحابئ رسول به آهن، عالِمِ قرآن به آهن، سُلطان المُفسِرين به آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو عصر جي نماز جو وقت هو، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مَدَني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا، تڪبير (يعني اقامت) چئي وئي، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نماز پڙهڻ شروع ڪئي، 3 رڪعتون پڙهي چڪا هئا، جڏهن چوٿين رڪعت ۾ پهتا ته پياري آقا جا پيارا پيارا شهزادا امام حَسَن ۽ امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اچي ويا، ٻئي شهزادا ان وقت ننڍڙي عمر ۾ هئا.

 الله! الله! ناني سائين ۽ ڏوهٽن جو پيار ڏسو! ٻئي ڏوهٽا پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پٺي مبارڪ تي سوار ٿي ويا، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم معمول مطابق نماز پڙهندا رهيا. آخر چوٿين رڪعت مڪمل ٿي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سلام ڦيريو ۽ ٻنهي شهزادن کي پنهنجي سامهون ويهاري ڇڏيو، هاڻي امامِ عالي مقام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڊوڙي ناني سائين ڏانهن وڌيا، پاڻ ڪريم       صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي کنيو ۽ امامِ حَسَن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي پنهنجي ساڄي ڪلهي مبارڪ تي ۽ امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي کاٻي ڪلهي مبارَڪ تي ويهاري ڇڏيو.

 پيارا اسلامي ڀائرو! حديثِ پاڪ اڳتي به آهي، ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن ٻنهي شهزادن جي فضيلت بيان ڪئي پر ان کان اڳتي حديث شريف ٻڌڻ کان پهريان ٿورو تصور ڪيو! هي ڪيترو خوبصورت ۽ حسين و