Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf
فضيلتون بيان ڪيون پر غور ڪرڻ جي ڳالهه هي آهي ته * امام حسن ۽ حسين وڏا ٿي ڪري بلند رتبي وارا عالم به بڻجڻ وارا هئا * نهايت عبادت گذار به هئا * تمام اعليٰ اخلاق وارا به هئا * وڏا ٿي ڪري سندن کي وڏا وڏا ڪارناما به انجام ڏيڻا هئا * رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِه وَ سَلَّم غيب جو علم رکندا هئا، انهن جا هي سڀئي اعليٰ اوصاف ۽ ڪمالات پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِه وَ سَلَّم جي سامهون هئا، ان جي باوجود پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِه وَ سَلَّم انهن جون فضيلتون بيان ڪندي * هي نه فرمايو ته منهنجا هي شهزادا وڏا پڪا نمازي هوندا * هي نه فرمايو ته منهنجا هي شهزادا تمام وڏا وليُ الله هوندا * هي نه فرمايو ته انهن جا اخلاق سڀني کان اعليٰ هوندا، انهن جو ڪردار تمام نرالو هوندو * هي نه فرمايو ته اهي متقي ۽ پرهيزگار هوندا * هي نه فرمايو ته اهي الله پاڪ جو تمام گهڻو قرب رکڻ وارا هوندا، انهن سڀني فضيلتن ۽ ڪمالات کان هٽي ڪري پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِه وَ سَلَّم انهن ٻنهي شهزادن جو نسب بيان ڪيو، فرمايائون: * هي افضل ترين ناني جا ڏوهٽا آهن * بلند رتبه ماءُ پيءُ جا پٽ آهن * تمام افضل چاچي جا ڀائٽيا آهن * نهايت فضيلت وارن مامن ۽ ماسين جا ڀاڻيجا آهن، يعني هن حديث شريف ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِه وَ سَلَّم حسنين ڪريمين جون فضيلتون بيان ڪيون ۽ هي ٻڌايو ته * انهن جو نسب اعليٰ آهي * انهن جون نسبتون بلند آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته جيڪڏهن انسان جو ڪردار صاف سٿرو هجي، اخلاق چڱا هجن ته * جنتين جي اولاد ٿيڻ * جنتين جو ڀاڻيجو* ۽ ڀائٽيو ٿيڻ پڻ فضيلت جو هڪ سبب ٿيندو آهي۔
اعليٰ حضرت امامِ اهل سنت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: (آخرت ۾) نجات جو دارومدار تقويٰ تي آهي، تنهنڪري صرف تقويٰ ڪافي آهي، جيتوڻيڪ نسب جو شرف نه هجي پر ان جو هي مطلب هرگز نه آهي ته نسب جي فضيلت جو