Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

موقعو ملندو * ايتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو * گهر کان ئي درس ۾ شرڪت جي نيت ڪري هلندا ته راهِ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!! مخلوقات ايستائين جو درياء جون مڇيون به دعا ڪنديون.

میں مبلغ بنوں سنتوں کا                                                                                                                                    خوب چرچا کروں سنتوں کا

یاخُدا دَرْس دُوں سنتوں کا                                                                                                                         ہو کرم! بہرِ خاکِ مدینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (5) امام حسين جون عبادتون

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا، سلطانِ ڪربلا امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تمام گهڻا عبادت گذار، متقي ۽ پرهيزگار هئا. علامه ابنِ اثير جزري    رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: * امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڪثرت سان نمازون پڙهندا، روزا رکندا، حج ڪندا، صدقا ۽ خيرات ڪندا ۽ هر ڀلائي جو ڪم بجا آڻيندا هئا. ([1]) * شهزادهءِ امام عالي مقام حضرت امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: منهنجا والد صاحب امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڏينهن رات ۾ هڪ هزار نفل ادا ڪندا هئا. ([2]) * امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بابت اهو به منقول آهي ته پاڻ 25 حج پيادل ادا ڪيا. ([3])

امام حسين جون 4 پسنديده عبادتون

عاشوراء جي رات جڏهن امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ميدانِ ڪربلا ۾ هئا، پاڻ پنهنجي ڀاءُ حضرت عباس علمبردار رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي فرمايو: ڪنهن طرح جنگ کي سڀاڻي تائين ملتوي ڪرايو ته جيئن اڄ رات اسين الله پاڪ جي عبادت ڪري


 

 



[1]...اُسد الغابہ، رقم:1173، جلد:2، صفحہ:27،۔

[2]...عقد الفرید، باب من کلام الزہاد و اخبار العباد، جلد3، صفحہ:115۔

[3]...اُسد الغابہ، رقم:1173، جلد:2، صفحہ:27،۔