Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

شرعًا ڪجهه اعتبار ئي نه آهي، نه...!! نه! پاڪ نسب وارو (چڱن ۽ نيڪ والدين جي اولاد) ٿيڻ به آخرت ۾ ضرور فائدو ڏيندو. ([1])

 الله پاڪ اسان کي اعليٰ نسب وارن يعني اهلِ بيت پاڪ ۽ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جو ادب ۽ احترام نصيب فرمائي ۽ نيڪيون ڪري انهن سان پنهنجي روحاني نسبت قائم رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حَسَنينِ ڪريمن سان محبت جي فضيلت

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث پاڪ ٻڌي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان    صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن حديث شريف جي آخر ۾ فرمايو: وَمَنْ اَحَبَّہُمَا فِی الْجَنَّۃِ يعني جيڪو حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُما سان محبت ڪري، اهو به جنتي آهي۔

هاڻي مون کي چين اچي ويو

 اَلحَمۡدُلله! امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُما سان محبت رکڻ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي به سنت آهي، اولياء ڪرام جو به طريقو آهي ۽ ربِ ڪريم جي فضل سان 14 صدين کان هر دور ۾ عاشقانِ رسول انهن پاڪ شهزادن سان محبت ڪندا آيا آهن.

   هڪ ڀيرو مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ وٽ ڪجهه ڪپڙا آيا، پاڻ اهي سڀئي ڪپڙا ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا! جڏهن سڀئي ڪپڙا ماڻهن ۾ ورهائي چڪا، اڃان فارغ ئي ٿيا هئا ته امام حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُما


 

 



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:23، صفحہ:205 ملتقطاً بتصرف۔