Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

اهو ڪم جنهن کان بچڻ جو شريعت اسان کي حڪم ڏنو آهي، ان کان اسان کي رڪڻو ئي رڪڻو آهي. دنيا هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃي پر اسان جو ڪو به قدم شريعت جي دائري کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي* اسان جو مزاج*اسان جي طبيعت* اسان جي سوچ * اسان جون خواهشون * اسان جو هلڻ ڦرڻ * اسان جو ڪمائڻ * اسان جو کائڻ سڀ ڪجهه شريعت جي تابع آهي ۽ اسان کي شريعت جي پيروي ۾ رهي ڪري ئي زندگي گذارڻي آهي. ناناءِ حسنين، رحمتِ دارين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عالي شان آهي: لا يُؤمِنُ  اَحَدُكُم حَتَّى يَكُوْنَ هَوَاهُ تَبَعًا لِمَا جِئْتُ بِهِ "توهان مان ڪوبه ان وقت تائين (ڪامل) مؤمن نٿو ٿي سگهي جيستائين ان جون خواهشون منهنجي آندل دين جي تابع نه ٿي وڃن." ([1])

اهو اسان جو معيار آهي، بس اسان الله ۽ رسول جي حڪمن جا پابند آهيون. الله پاڪ اسان کي ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.  

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

پردي جو اهتمام ڪندا ڪريو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان روايت ٻڌي، حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ عين جنگ جي حالت ۾، بلڪل شهادت جي ويجهو وقت به پردي جو اهتمام ڪيو، سندن کي فڪر هئي ته مان جڏهن شهيد ٿي وڃان، زخمي ٿي ڪري گهوڙي تان هيٺ اچان ته ڪٿي بي پردگي نه ٿي وڃي، تنهنڪري سندن اڳ ۾ ئي ان جو انتظام ڪيو. هن ۾ انهن ماڻهن لاءِ به سبق آهي جيڪي پردي جو خيال نٿا ڪن   * گهر ۾ ماءُ، ڀيڻ، ڌيئرون موجود آهن، ان جي باوجود ڪيترا اهڙا آهن جيڪي قميص لاهي گھمي رهيا هوندا آهن، * اهڙي طرح جيڪي ماڻهو پينٽ


 

 



[1]...مشکاۃ المصابیح، کتاب الایمان، جز:1، جلد:1، صفحہ:54، حدیث:167۔