Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

شرٽ پائيندا آهن ۽ شرٽ به ننڍي رکندا آهن، اهي جڏهن جهڪندا يا ويهندا يا سجدي  ۾ ويندا آهن ته دُنَ جي هيٺان سڌ ۾ چيلھ جو ڪجھ حصو کلي رهيو هوندو آهي، هي به ستر ۾ شامل آهي، ان کي به لڪائڻ فرض آهي([1]) * اڄ ڪلهه ماڻهو نيڪر پائيندا آهن، گوڏا ۽ رانون نظر اچي رهيون هونديون آهن، هي به بيپردگي آهي* کوڙ رانديون اهڙيون آهن جن ۾ نيڪر پاتي ويندي آهي، کيڏڻ وارا نيڪر پائي کيڏي رهيا هوندا آهن، ڏسڻ وارا مزي سان ڏسي رهيا هوندا آهن، اهي بيپردگي ڪري رهيا آهن ۽ ڏسڻ وارا به بدنگاهي ڪري رهيا آهن، ان کان بچڻ لازمي آهي، بدنگاهي ۽ بيپردگي (يعني لڪائڻ وارن عضون کي نه لڪائڻ) ٻئي سخت گناھ آهن. الله پاڪ اسان کي انهن گناهن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي. منقول آهي: جيڪو شخص پنهنجي اک کي حرام سان ڀريندو آهي الله پاڪ قيامت واري ڏينهن ان جي اک ۾ جهنم جي باھ ڀري ڇڏيندو.[2]

آقا کی حیا سے جھکی رہتی نظر اکثر                                                                                     آنکھوں پہ مرے بھائی لگا قفلِ مدینہ

آنکھوں   میں   سرِحَشْر نہ بھر جا ئے کہیں   آگ                                       آنکھوں پہ مرے بھائی لگا قفلِ مدینہ([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2)  امام حسين جي قرآن سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرت پاڪ جو هي به پاڪيزه پهلو آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي قرآنِ شريف سان تمام گهڻي محبت هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه تلاوت به ڪندا هئا، قرآن شريف کي سمجهندا به هئا، ان تي عمل به ڪندا هئا ۽ ٻين کي سيکاريندا به هئا۔


 

 



[1]...بہارِ شریعت،جلد:1، صفحہ:483، حصہ:3۔

[2] (مُکاشَفَۃُ الْقُلُوب ص۱۰ دارالکتب العلميۃ بيروت)۔

[3]...وسائلِ بخشش، صفحہ:؟؟؟۔