Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

جڏهن امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڪربلا ڏانهن سفر ڪري رهيا هئا، هڪ شخص جو چوڻ آهي: مون ڏٺو ته هڪ غير آباد علائقي ۾ خيما لڳل آهن، مون کي حيراني ٿي، ڪنهن کان پڇيم: هي خيما ڪنهن جا آهن؟ ٻڌائڻ واري ٻڌايو: هي امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جا آهن (پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪربلا ڏانهن ويندي هتي ترسيا آهن). اهو شخص چئي ٿو: مان امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس، خيمن جي ويجهو ويس ته ڏٺم: امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تلاوت ڪري رهيا آهن ۽ سندن اکين مان ڳوڙها وهي رهيا آهن.([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي...!! پاڻ  تلاوت به ڪندا هئا ۽ ڪهڙي شان سان قرآن پڙهندا هئا، هن طرح جو دل تي رقت طاري هوندي هئي، الله پاڪ جو خوف ۽ ان جي محبت دل تي ڇانيل هوندي هئي، زبان سان تلاوت جاري هوندي هئي ۽ اکين مان خوف ۽ محبت سبب ڳوڙها وهي رهيا هوندا هئا۔

 تلاوت  دوران روئڻ سعادت آهي

 يقيناً قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ، قرآن شريف جي تلاوت ٻڌڻ عين سعادت بلڪه تمام گهڻي فضيلت واري نيڪي آهي۔ جيڪڏهن تلاوت ڪندي وقت، تلاوت ٻڌندي وقت سرور جي ڪيفيت طاري ٿئي، دل محبت الٰهي ۾ تڙپندي هجي، خوفِ خدا سان ڪپڪپي طاري ٿئي، اکين مان ڳوڙها جاري هجن، اهڙي تلاوت جي ته ماشاءالله! ڇا شان آهي۔ الله پاڪ پنهنجي نيڪ ٻانهن جا پاڪ اوصاف بيان ڪندي فرمائي ٿو.

اَللّٰہُ  نَزَّلَ  اَحۡسَنَ الۡحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا  مَّثَانِیَ ۖ    تَقۡشَعِرُّ مِنۡہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخۡشَوۡنَ  رَبَّہُمۡ ۚ ثُمَّ  تَلِیۡنُ جُلُوۡدُہُمۡ وَ قُلُوۡبُہُمۡ  اِلٰی ذِکۡرِ اللّٰہِ ؕ

 (پارہ23،سورۃالزمر:23)

ترجمو ڪنزُالعِرفان: الله سڀ کان سٺو ڪتاب لاٿو جيڪو سڄو هڪجهڙو آهي، بار بار پڙهيو ويندو


 

 



[1]... البدایہ و النہایہ، جز:8، جلد:4، صفحہ:565۔