Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

سيرت جا ڪجھ پهلو، سندن چند ادائون اسان ٻڌيون، الحمد للہ! اسان عاشقانِ امام حُسين آهيون، الله پاڪ محبتِ صحابه و اهلِ بيت تي اسان کي استقامت نصيب فرمائي، ڪاش! زباني محبت سان گڏوگڏ عملي محبت به نصيب ٿي وڃي، ڪاش! امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي پاڪيزه ڪردار جو فيضان اسان کي نصيب ٿي وڃي. 

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار  اجتماع

پيارا اسلامي ڀائرو! سنتن جو پابند بڻجڻ، صحابه ۽ اهل بيت جي محبت سان دل کي ڀرڻ، بااَدب ۽ باوفا بڻجڻ ۽ نيڪين واري زندگي گذارڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! دنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: هفتيوار اجتماع. هر خميس تي دعوتِ اسلامي جو هفتيوار اجتماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تلاوت، نعت، سنتن ڀريو بيان، ذڪر ۽ رقّت انگيز دعا ڪرائي ويندي آهي.

اوھان کان التجا آھي ته * اوھان به ھفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪندا ڪريو!* ديني اجتماع ۾ ويهڻ ۽ ذڪر ڪرڻ وارن جي پنهنجي ته ڇا شان هوندي! حديث پاڪ مطابق جيڪو انهن جي ويجهو ويهي، اهو به بدبخت نه رهندو.[1] اَلحَمۡدُلله! هفتيوار اجتماع ۾ ذڪر ٿيندو آھي، * علمِ دين سکڻ لاءِ ملندو آهي، * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ ۽ مسجد ۾ وقت گذارڻ نصيب ٿيندو


 

 



[1] مسلم، کتاب الذکر و الدّعا...الخ، باب فضل مجالس الذکر، صفحہ:1037، حدیث:2689۔