Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

آهي. * هڪ اهم برڪت اها آهي ته ديني اجتماع لاءِ وڃڻ به راهِ خدا ۾ نڪرڻ آهي، هفتيوار اجتماع ۾ شريڪ ٿيندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر کان نڪرڻ کان وٺي واپس اچڻ تائين سڄو وقت راهِ خدا ۾ شمار ٿيندو. هر خميس تي پابندي سان هفتيوار اجتماع ۾ اوّل کان آخر شرڪت ڪرڻ جي پڪي نيت ڪريو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر خميس تي پابندي سان پاڻ به هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪندس ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ٻين کي به ساڻ وٺي ايندس.

ٽيبل ٽينس جو  شوقين ڪيئن سُڌري ويو...؟

ڪراچي جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هو مذهبي ذِهن نه هئڻ سبب فضول ڪمن ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گُنَاهن جو به سلسلو جاري هو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو هو ۽ بعض اَوقات اهو سلسلو رات دير تائين جارِي رهندو هو، هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي ۽ ساڻس گڏ کيڏڻ وارن کي نماز پڙھڻ ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، اسلامي ڀاءُ انهن کي مسلسل نيڪي جي دعوت پيش ڪندو رهيو، نيٺ اهي ٽيبل ٽينس جا شوقين هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا، الحمدلله! هفتيوار اجتماع جي برڪت سان آهسته آهسته ان جي دِل نرم ٿي وئي، ان جي دِل جي ڪاراڻ ختم ٿيڻ لڳي، ان پنهنجي تمام گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ فضوليات کي ڇڏي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

یہاں سنتیں سیکھنے کو ملیں گی                                                                                             دِلائے گا خوفِ خُدا مدنی ماحول

تُو آبےنمازی، ہے دیتا نمازی                                                                          خُدا کے کرم سے بَنَا مدنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد