Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

(4) امام حُسَين جي علم سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! بعض دفعا ماڻهو سوال پڇندا آهن: امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ننڍپڻ بيان ڪيو ويندو آهي، پوءِ ان کان بعد ڪربلا جو واقعو اچي ويندو آهي، ان جي وچ ۾ جيڪا سندن زندگي مبارڪ گذري، ان ۾ پاڻ ڇا ڪندا هئا؟ اها مبارڪ زندگي ڪهڙي هئي؟ اچو! مان عرض ڪريان، ان دوران پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڇا ڪندا هئا؟ امام عالي مقام جي جواني مبارڪ ۽ تقريباً 46 سالن جي جيڪا زندگي مبارڪ آهي، ان دوران سندن علم دين سکيو ۽ مسجد ۾ رهي ڪري علمِ دين سيکاريندا رهيا. جي بلڪل! مسجد نبوي شريف ۾ پاڻ درس ڏيندا هئا، باقاعده حلقو لڳندو هو، امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جا شاگرد اتي حاضر ٿيندا هئا ۽ شهزادهءِ مصطفى کان علمِ دين سکندا هئا۔ هڪ دفعي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان ڪنهن پڇيو: امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي زيارت ڪٿي ٿي سگهي ٿي؟

هاڻي امير معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي محبت، سندن ادب ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بابت سندن جذبات ڏسو! فرمايائون: مسجد نبوي شريف ۾ وڃو! اتي توهان کي هڪ حلقو نظر ايندو، ماڻهو اهڙي اطمينان سان ويٺل هوندا جو ڄڻ انهن جي مٿي تي پکي ويٺا آهن، اهو حلقو امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو آهي۔([1])

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهن امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ...!! سندن مسجد ۾ علم دين جو درس ڏيندا هئا...!! اي عاشقان امام حسين! توهان به همت ڪريو! علم دين سکڻ وارا بڻجي وڃو! سيکارڻ وارا بڻجي وڃو! الحمدلله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ امام حسين مسجد درس ڏيندا به آهن ۽ ٻڌندا به آهن۔ توهان به مسجد درس ۾ شرڪت ڪريو! جيڪڏهن درس ڏئي سگهو ٿا ته ڏيڻ وارا بڻجي وڃو، نه ته ٻڌڻ وارا بڻجي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! * علم دين سکڻ جو


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:14، صفحہ:179۔