Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

ڪربلا جي ميدان ۾ جڏهن امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي هي يقين ٿي ويو ته وعدي جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي شهادت ٿيڻي آهي ته پاڻ فرمايائون: مونکي ڪو ٿلهو ڪپڙو آڻي ڏيو! (ٿورو غور سان ٻڌجو ته پاڻ ڪپڙو ڇو گهرائي رهيا آهن، فرمايائون: ڪو ٿلهو ڪپڙو آڻي ڏيو!)، مان ان ڪپڙي کي پنهنجي پاتل لباس جي هيٺان رکندس ته جيئن جڏهن مان شهيد ٿي ڪري زمين تي ڪِران ته منهنجو ستر(اوگهڙ) نه کُلي. سندن خدمت ۾ ڪپڙو پيش ڪيو ويو، پاڻ ان کي پنهنجي پاتل ڪپڙن جي هيٺان ويڙهي ڇڏيو.([1])

  الله اڪبر! حالات ڏسو! * ڪربلا جو ميدان آهي، * 22 هزار جو لشڪر سامهون بيٺل آهي،* 72 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، *حضرت علي اصغر  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي ڳلي ۾ لڳل ظالم جو تير پنهنجي هٿن سان ڇڪي ڪڍيو آهي،* 3 ڏينهن کان پاڻي بند آهي، ڳلو سڪي رهيو آهي، يقين آهي ته هاڻي بس شهادت جو وقت آهي، روح نڪرڻ کانپوءِ ته ماڻهو مُڪَلَّف به نه ٿو رهي پر جيڪو الله پاڪ جي رضا جو طلبگار هجي، اهو رضا ئي چاهيندو آهي، اهو ڪنهن وقت، ڪنهن لمحي، ڪنهن حالت ۾، ڪنهن به مشڪل ۾ الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ کان پوئتي ناهي هٽندو، اهو هر وقت بس الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جا ئي رستا ڳولي ٿو، ڏسو! امام عالي مقام رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ڪهڙي حالات ۾ آهن ۽ فڪر ڇا آهي؟ جڏهن مان شهيد ٿي ويندس، جڏهن زمين تي ڪرندس ته ڪٿي ان وقت منهنجو ستر(اوگهڙ) نه کلي وڃي، انهن حالتن ۾ به شريعت تي عمل جي فڪر آهي.

ڇا  هي محبتِ حسين آهي؟

افسوس! هاڻي حالتون بگڙي چڪيون آهن * دعويٰ، حسيني ٿيڻ جي آهي پر حالت اها آهي جو نماز هڪ به ناهن پڙهندا * دعويٰ، محبتِ حسين جي آهي پر شريعت جي خلاف هلندا آهن * جناب! اسان ته پهتل آهيون چئي شريعت جو مذاق بڻائن ٿا


 

 



[1]... تاریخ مدینہ دمشق، جلد: 14، صفحہ: 221۔