Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

دشمن چارئي طرف تلوارون چمڪائي رهيا هئا؟ اهلِ بيتِ اطهار رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي اصل محبت انهن جي پيروي ڪرڻ ۾ آهي. امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي مبارڪ زندگي مان اسان کي اهو درس ملي ٿو ته اسان کي پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ گهرجن ۽ وقت اچڻ تي دين جي خاطر هر طرح جي قرباني پيش ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. الله ڪريم اسان کي صحابه ۽ اهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي حقيقي محبت نصيب فرمائي.

  اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

امام عالي مقام جو هڪ خطبو

آخر ۾ اچو! امام عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جو هڪ سبق آموز خطبو ٻڌون ٿا: تاريخ مدينه دمشق ۾ آهي، ڪربلا جي ڏينهن 10 محرم الحرام تي صبح جو امام عالي مقام، امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ خطبو ارشاد فرمايو: الله پاڪ جا ٻانهؤ! الله پاڪ کان ڊڄو! ۽ دنيا کان بچندا رهو! بيشڪ هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي هميشه رهڻو هجي ها ته ضرور انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام هميشه رهن ها پر الله پاڪ هن دنيا کي آزمائش جي لاءِ پيدا فرمايو آهي، هتان جا رهڻ وارا سڀئي فنا ٿيڻ جي لاءِ ئي بڻايا ويا آهن، دنيا جون نيون شيون پراڻيون ٿيڻ واريون آهن، هتان جون نعمتون ختم ٿيڻ واريون آهن، هتان جون خوشيون ختم ٿيڻ واريون آهن، بس! سامانِ سفر تيار ڪيو! بيشڪ بهترين سامانِ سفر تقويٰ ئي آهي، الله پاڪ کان ڊڄو! ته جيئن توهان ڪامياب (Successful) ٿي وڃو..!! ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي پاڪيزه


 

 



[1]... تاریخ مدینہ دمشق،جلد:14، صفحہ:218۔