Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

آهي۔ ان کان انهن ماڻهن جي بدن جا وار اُڀا ٿي ويندا آهن جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن، پوءِ انهن جون کلون ۽ دليون الله جي ياد جي طرف نرم ٿي وينديون آهن۔

روايت ۾ آهي: صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي اها حالت هئي جو جڏهن انهن جي سامهون قرآن شريف جي تلاوت ڪئي ويندي هئي ته انهن جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويندا هئا ۽ انهن جو جسم ڪانڊارجي ويندو هو. ([1])

تِلاوت کی توفیق دیدے اِلٰہی!                                                                     گُنَاہوں کی ہو دُور دِل سے سیاہی

پيارا اسلامي ڀائرو! بدقسمتي سان هاڻي مسلمانن جو قرآن شريف سان لڳاءُ گهٽجي رهيو آهي، پهريان ته تلاوت ڪرڻ وارا ئي تمام گهٽ آهن، پوءِ جيڪي تلاوت قرآن جي سعادت حاصل ڪن ٿا، انهن ۾ به روئڻ وارن جي تعداد ته بلڪل ئي گهٽ آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي تلاوت قرآن ڪرڻ ۽ قرآن شريف پڙهي يا ٻڌي ڪري روئڻ جي سعادت عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

قرآني آيت تي عمل جو نرالو انداز  

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرت جو هي به حسين پهلو آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه صرف تلاوت نه ڪندا هئا بلڪه قرآن شريف تي تمام اعلٰي طريقي سان عمل به ڪندا هئا۔ ان جي فقط هڪ مثال ٻڌو! ڪتابن ۾ لکيل آهي: سندن هڪ ٻانهي هئي۔ (پهرين دور ۾ پئسن سان خريديل غلام


 

 



[1]...قرطبی، پارہ:23، سورۃ الزمر، زیرِ آیت :23، جلد:8، صفحہ:156۔