Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf
مَوۡلَا یَا صَلِّ وَسَلِّمۡ دَائِمًا اَبَدًا
عَلٰی حَبِیۡبِکَ خَیۡرِ الۡخَلۡقِ کُلِّھِمٖ
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! مُحَرَّم شريف جو مبارڪ مہينو پنهنجون برڪتون ورهائي رهيو آهي * اَهلِ بيتِ پاڪ خاص ڪري امامِ عالي مقام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ۽ سندن وفادار ساٿين جي ياد وارا ڏينهن آھن * عاشقانِ رسول جون دليون اَهلِ بيتِ پاڪ جي قربانين جي ياد سان تازا آھن * اسان اَلحَمۡدُلله! حُسَيني آهيون، ذِڪرِ ڪربلا ڪندا به آهيون، ٻڌندا به رهندا آهيون، اَڄ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان امامِ عالي مقام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو * ذَوقِ عِبَادت * سندن قرآن ۽