Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

عزت سان جيئڻ، عزت سان مرڻ جو، شجاعت جو، بهادري جو، استقامت ۽ صبر و رضا جو سبق ڏئي ويا.

حُسَیْن ایک علامت ہے زِندگی کے لئے                                             حُسَیْن عَزْمِ سَفر ہے مُسَافری کے لئے

هڪ ٻي شاعر چيو:

فِطْرَت کی مصلحت کا اشارہ حُسَین ہے                                                       قربانیوں کی آنکھ کا تارا حُسَیْن ہے

وہ اس لئے لڑے کہ ستم کو مِٹا سکیں                                                            پھر کیوں نہ ہم کہیں کہ ہمارا حُسَیْن ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جا ڪجهه فضائل ۽ سندن سان محبت رکڻ جون برڪتون ٻڌيون، يقيناً محبت اطاعت ڪرائيندي آهي، جنهن محبت ۾ اطاعت نه هجي، اها محبت تمام ڪمزور آهي.

محبّت بےاطاعت ایک دھوکا ہے محبّت کا                                        محبّت کا جو دعویٰ ہے تو کوشش کر اطاعت میں

 اسان الحمد لله امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ سان محبت ڪريون ٿا، تنهنڪري اچو! سندن سيرت پاڪ جا ڪجهه حسين پهلو به ٻڌون ٿا ۽ نيت ڪريون ٿا ته اسان محبت حسين جو عملي ثبوت ڏيندي سندن مڪمل پيروي به ڪنداسين.

 (1) امام حسين ۽ شريعت جي پاسداري

پيارا اسلامي ڀائرو! امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرتِ پاڪ جو تمام حسين ۽ پيارو پهلو آهي ته پاڻ هر وقت شريعت جي پيروي ڪندا رهندا هئا، ڪنهن به گهڙي، ڪنهن به وقت ۾ پاڻ شريعت کان هڪ انچ به نه، بلڪ هڪ انچ جو ڪروڙين حصو به پوئتي نه هٽندا هئا. هڪ خوبصورت روايت ٻڌايان ٿو، توهان حيران رهجي ويندؤ. حضرت ابن ابي ليليٰ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: