Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي فضيلت

اچو! سلطانِ ڪربلا، سيّدُ الشهدا. امامِ عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کان مروي ٻه حديثون ٻڌون ٿا: (1) امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: منهنجي ناني جان، سلطانِ دو جهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن جي سامهون منهنجو ذڪر ٿيو، پوءِ ان درود پاڪ نه پڙهيو، بيشڪ اهو جنت جو رستو ڀلجي ويو. ([1]) (2)  امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کان ئي روايت آهي، ٻنهي جهانن جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪنجوس آهي اهو شخص جنهن وٽ منهنجو ذڪر ٿيو، پوءِ ان مون تي درود نه پڙهيو. ([2])

پڑھتا  رہوں کثرت سے درود اُن پہ سَدا میں                                                      اور ذِکْر کا بھی شوق پئے غوث و رضا دے([3])

اللہ پاڪ اسان کي گهڻو درودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي. امامِ عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه به گهڻو درودِ پاڪ پڙهندا هئا. سندن زندگي جي  آخري رات، جيڪا پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪربلا ۾ گذاري، اها رات پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه عبادت ۾ گذاري هئي. ڪتابن ۾ لکيل آهي: ان رات جي شروعات ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي سڀني اهلِ خانه ۽ ساٿين کي گڏ ڪيو، پهريان الله پاڪ جي حمد و ثنا


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد:2، صفحہ:249، حدیث:2818۔

[2]... ترمذی، کتاب الدعوات، صفحہ:811، حدیث:3546۔

[3]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:114۔