Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

* دعويٰ حسيني ٿيڻ جي آهي پر شريعت کان بغاوت ڪري ڊگها ڊگها عورتن جهڙا وار رکيل آهن * دعويٰ آهي ته اسان ڪربلا وارا آهيون پر شريعت جي برخلاف ڳائڻ وڄائڻ ڪندا آهيون، نشي واريون شيون استعمال ڪندا آهيون، پردي جو بلڪل خيال ناهيون ڪندا، هر وقت گناهن ۾ گرفتار هوندا آهيون...!! ڇا هي حُسَينيت آهي؟

اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!! * منهنجا حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ته اهي آهن جو عين حالتِ جنگ ۾، ڪربلا جي ميدان ۾، تلوارن جي پاڇي ۾ به پاڻ ظهر جي نماز جماعت سان ادا ڪئي.([1]) * منهنجا حسين ته اهي آهن ڪربلا جي ميدان ۾ به شريعت جي هر هڪ حڪم جو لحاظ رکن ٿا * منهنجا حسين ته اهي آهن جو پاڻ سر ڪٽائي ڇڏيائون پر شريعت تي داغ نه اچڻ ڏنو * منهنجا حسين ته اهي آهن جو شهادت کان پوءِ سر نيزي تي آهي ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت فرمائي رهيا آهن۔ ([2])

ابنِ زَہْرا کربلا کی خاک پر سجدے میں ہے                                                        ظلمتوں کے دَرمیاں نُورِ سَحر ،سجدے میں ہے

بَر سرِ نوکِ سِنَاں قرآں کے قاری نے کہا                                                   منزلِ عشقِ خدا کی رَہ گُزر، سجدے میں ہے

مؔہر! ہَوں اس پیکرِ صبر و رِضا پر صَد سلام                                                            جو لُٹا کر راہِ حق میں گھر کا گھر ، سجدے میں ہے

   پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! اسان هر وقت، هر لمحي شريعت جا پابند آهيون* نماز شريعت فرض فرمائي، اسان کي پڙهڻي ئي پڙهڻي آهي  * روزو شريعت فرض ڪيو، اسان کي رکڻو ئي رکڻو آهي* پردو شريعت لازم ڪيو، پنهنجي مائرن، ڀينرن، ڌيئرن کي ان جي ترغيب ڏيڻي ئي ڏيڻي آهي * وياج شريعت حرام ڪيو، ان کان بچڻو ئي بچڻو آهي * شراب شريعت حرام ڪيو، ان کان رڪڻو ئي رڪڻو آهي * ماپ تور ۾ ڪمي شريعت حرام قرار ڏني، ان کان لازمي بچڻو آهي، مطلب ته هر اهو ڪم جنهن جو شريعت اسان کي حڪم ڏنو آهي، اسان ان کي ڪرڻ جا پابند آهيون ۽ هر


 

 



[1]... البدایہ و النہایہ، جز:8، جلد:4، صفحہ:580۔

[2]... کراماتِ صحابہ، صفحہ:246۔