Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

سگهون. الله پاڪ خوب ڄاڻي ٿو ته مون کي (1) نماز پڙهڻ، (2) قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ، (3) ڪثرت سان دعائون گهرڻ ۽ (4) گهڻو استغفار ڪرڻ تمام گهڻو پسند آهي ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! محبت اطاعت ڪرائيندي آهي. امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان اسان جي محبت ڪهڙي آهي؟ ٿورو اسين غور ڪريون.؟ 10 محرم شريف جي رات امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي ظاهري زندگي مبارڪ جي آخري رات هئي پر الله پاڪ جي عبادت جو شوق ۽ ذوق ڏسو! ۽ عين شهادت جي وقت به پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بارگاههِ الٰهي ۾ سجدي جي حالت ۾ هئا.

ڪاش! اسان غلامانِ امام حسين به پنهنجي محبوب جي نقشِ قدم تي هلندي عبادتون ۽ رياضتون ڪندي پنهنجي زندگي جا ڏينهن ۽ راتيون گذاريون. ياد رکو! حديث شريف ۾ آهي: ٻانهو اُنهيءَ سان گڏ هوندو جنهن سان هو محبت ڪندو هوندو. ([2]) جيڪڏهن اسان زبان سان امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان محبت جي دعويٰ ڪندا رهون پر امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي مبارڪ سيرت کي نه اپنايون ته اسان جي محبت ناقص آهي ڇاڪاڻ ته عاشق پنهنجي محبوب جي پويان پويان هلندو آهي. حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي مبارڪ چهري تي پنهنجي نانا جان رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنت ڏاڙھي شريف سجائي رکي هئي، سندن والدِ گرامي مولا مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي به گهاٽي ڏاڙھي شريف هئي. اسان غور ڪريون ته اسان جي چهري تي اها سنتِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؟ امام عالي مقام حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  پنهنجي مبارڪ زندگي جي آخري نمازِ فجر پنهنجي خيمي ۾ باجماعت ادا ڪئي جڏهن


 

 



[1]...البدایہ و النہایہ، جز:8، جلد:4، صفحہ:573۔

[2]... ترمذی، کتاب الزہد، باب ماجاء ان المرء مع من احب، صفحہ:568، حدیث:2387۔