Imam Hussain Ke 5 Ausaf

Book Name:Imam Hussain Ke 5 Ausaf

برداشت ڪرڻ جي قوت وڌندي.([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! عمامو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو*جنهن ان جو اُلٽ ڪيو (يعني عمامو ويهي ٻڌو ۽ پاجامو بيهي پاتو) اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي ڪا دوا ناهي (يعني طبيبن کي دوا جو علم ناهي) *عمامو شريف ٻڌڻ کان پهريان چڱيون چڱيون نيتون ڪري وٺندا هڪ به چڱي نيت نه هوندي ته ثواب نه ملندو*مناسب هي آهي ته عمامي جو پهريون وَرُ مٿي جي ساڄي پاسي وڃي*الله پاڪ جي آخري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عمامي جو شملو عام طور تي پُٺيءَ جي پويان هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ 2 شملا هوندا هئا*کاٻي پاسي شملو لڙڪائڻ سنت جي خلاف آهي*عمامي جي شملي جي مقدار گهٽ ۾ گهٽ 4 چار انچ ۽ وڌ ۾ وڌ (اڌ پُٺيءَ تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (وچين آڱر کان وٺي ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چورائيندو آهي) *عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيٺي بيٺي ٻڌو*مراٰت شريف ۾ آهي: عمامو بيهي ڪري ٻڌڻ سنت آهي مسجد ۾ ٻڌو يا ڪنهن ٻي جاءِ تي*عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گزن کان گهٽ نه هجي، نه 6 گزن کان وڌيڪ ۽ ان جو ٻڌڻ گنبذ وانگر هجي. ([2])

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين


 

 



[1]...مستدرک، کتاب اللباس، جلد:5، صفحہ:272، حدیث:7488۔

[2]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:54-56ملتقطاً۔