Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf
مفتي فاروق صاحب سان گڏ پڙهندڙ مدني عالمن جو بيان آهي: دورانِ طالبِ علمي، جڏهن پڙهائي جي وچ ۾ وقفو ٿيندو هو، اسان چانھ وغيره پيئڻ لاءِ ويندا هئاسين، پر مفتي فاروق صاحب وقت مان فائدو وٺندي تلاوت شروع ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن جي پڇڻ تي فرمايائون: "مان روزانو هڪ منزل (تقريباً 7 سيپارا) تلاوت ڪندو آهيان." انهي طرح ڪلام جي دوران جيڪڏهن ڪو پيريڊ خالي اچي ويندو هو ته قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪري ڇڏيندا هئا، سندن ڪلاس فيلو اسلامي ڀائرن کائنس متاثر ٿي انهن کان تجويد و قراءت سان قرآنِ ڪريم سکڻ شروع ڪيو هو.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو پيارو ذوق آهي، ڪيڏو نرالو شوق آهي، وقت جي قدر ڏسو ڪيتري ڪندا هئا. ٿورو وقت مليو، فوراً تلاوت شروع ڪري ڏني۔ هاڻي اسان جو حال ڇا هوندو آهي؟ ٿورو وقت به واندڪائي لاءِ ملي ته سڀني کان پهرين موبائل هٿ ۾ ايندو آهي. پوءِ موبائل تي ڇا ٿيندو آهي؟ * ڪڏهن واٽس ايپ ڏسي رهيا آهيون، * اسٽٽس چيڪ ڪري رهيا آهيون، * يوٽيوب کولي ورتو، * فيس بڪ کولي فضول سڪرولنگ ڪندا وياسون، * ريليز يا شارٽس ڏسڻ شروع ٿي وياسين، پوءِ ان موبائل ۾ گناهن جا ذريعا به گهڻا آهن. درحقيقت، چئي سگهجي ٿو ته موبائل گناهن جي پوري دڪان آهي. موبائل هٿ ۾ هجي ۽ ماڻهو گناهن کان بچي وڃي، اهو تمام مشڪل آهي. ها، ان جو درست استعمال به يقيناً آهي، ۽ ڪرڻ وارا ڪندا به آهن. بهرحال، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان ماڻهو وقت جي قدر تمام گهٽ ڪندا آهيون. ٿورو ٿورو وقت جيڪو اسان کي فارغ ملندو آهي، ان کي اسان پنهنجي زندگي جو حصو شمار ئي ناهيون ڪندا. * مثال طور، نماز لاءِ وڃي رهيا آهيون، * نماز پڙهي واپس اچي رهيا آهيون، رستي وارو اهو جيڪو وقت آهي، اهو به اسان جي زندگي جو حصو آهي، ان جو به قيامت جي ڏينهن حساب ڏيڻو آهي۔* اهڙي طرح ڪم ڪري رهيا هئاسين، ڪندي ڪندي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ رُڪجي وياسون، ساهه کنيو، اهي چند سيڪنڊ به قيمتي آهن. * ڪم تي هئاسين، يا اسڪول، ڪاليج وغيره ۾ هئاسين، ڪجهه دير جو وقفو ٿيو، عام طور اهو وقفو فضول گفتگو ۾ ضايع ڪيو ويندو آهي. * اهڙي