Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf
طرح سڄو ڏينهن تمام گهڻو وقت اسان کي ٻه ٻه، چار چار منٽن جي صورت ۾ ملندو آهي، جنهن جي عام طور پرواهه ناهي ڪئي ويندي. * هي ته چند منٽن جي ڳالهه آهي، * ڪيترا ئي ڪلاڪ به فضوليات ۾ ضايع ڪيا ويندا آهن. * سڄي رات فضول ڪچهري ۾، دوستن جي گڏجاڻي ۾ يا موبائل ۾ مشغول ٿي ڪري فضوليات ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون، اها تمام بري ڳالھ آهي. وقت تمام قيمتي شي آهي، هي وقت ئي اسان جي زندگي آهي. ساهه هلندو رهي ٿو ته زنده آهيون، ساهه جي رڳ ٽٽي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. قرآن ڪريم ۾ آهي: آيت
یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ(۶)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي ربّ جي طرف ڊڪڻ وارو آهين پوءِ ان سان ملڻ وارو آهين. (پارہ:30،اَلْاِنْشِقَاق:6)
تفسير نُورالعرفان ۾ آهي: (يعني) اي انسان! تنهنجو هر ساھ توکي موت سان ۽ ربّ جي ملڻ سان قريب ڪري رهيو آهي. ([1]) ڪنهن شاعر ڇا ته خوب توجھ ڏياري آهي، لکي ٿو:
اِک یہ جہاں، اِک وہ جہاں، دونوں جہاں کے درمیاں
ہے فاصلہ اِک سانس کا، گر آگئی تو یہ جہاں، گر رُک گئی تو وہ جہاں
وضاحت: دنيا ۽ آخرت جي درميان صرف هڪ ساھ جو فاصلو آهي جيڪڏهن هلي ٿو ته ٻانهو دنيا ۾ آهي ۽ جيڪڏهن رڪجي وڃي ٿو ته آخرت جي طرف