Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

یَاْمُرُوْنَ بِالْمُنْكَرِ وَ یَنْهَوْنَ عَنِ الْمَعْرُوْفِ

برائي جو حڪم ڏين ٿا ۽ نيڪي کان منع ڪن ٿا۔  (سيپارو: 10، سورۃ التوبة: 67)

يعني هي منافقن جو ڪم آهي ته اهي برائي جو حڪم ڏين ٿا ۽ نيڪي کان منع ڪن ٿا. جڏهن ته عاشقانِ رسول مسلمانن جو وصف بيان ڪندي اللہ پاڪ فرمايو: آيت

وَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتُ بَعْضُهُمْ اَوْلِیَآءُ بَعْضٍۘ-یَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَ یَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ

ترجموڪنزالعرفان: ۽ مُسلمان مَرد ۽ مُسلمان عورتون هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، ڀلائيءَ جو حڪم ڏيندا آهن ۽ بُرائي کان منع ڪندا آهن. (سيپارو: 10، سورۃ التوبة: 71(

يعني مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون پاڻ ۾ ڀائر ڀينر آهن، مرد مردن سان ۽ عورتون عورتن سان اللہ پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت رکن ٿا ۽ مسلمانن جو هيء اعليٰ وصف آهي ته اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي نيڪي جي دعوت ڏين ٿا ۽ برائي کان منع ڪن ٿا.

افسوس...!! هاڻي ماڻهن جو حال تمام گهڻو خراب ٿي چڪو آهي، ماڻهو گناھ ڪرڻ ۽ گناهن جي ترغيب ڏيڻ ۾ بلڪل شرم محسوس نٿا ڪن، بي حيائي جي ڪمن کي فيشن ۽ جدت جو نالو ڏئي ڪري ان کي اپنائڻ لاءِ بي ڌڙڪ هڪ ٻئي کي آماده ڪيو وڃي ٿو، ايستائين جو والدين پنهنجي اولاد کي دين کان پري، ماڊرن ۽ آزاد خيال ڏسي خوش ٿيندا آهن، حوصله افزائي به ڪندا آهن پر افسوس! نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۾ عام طور ڪيترائي مسلمان شرمائيندا آهن.

افسوس! هاڻي ماڻهن حقيقي مسلمانن وارا ڪم ته ڇڏي ڏنا! سٺا ۽ نيڪي وارا ڪم ڪن ٿا ته شرم اچي ٿي ۽ منافقن وارو ڪم ڪرڻ ۾ بلڪل شرم،