Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

جهجڪ محسوس ناهي ٿيندي. اللہ پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي([1]) هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اُن وقت توهان جو ڇا حال هوندو جڏهن توهان برائي جو حڪم ڏيندؤ ۽ نيڪي کان روڪيندؤ؟" صحابہ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  عرض ڪيو: يا رسول اللہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا ائين ٿيندو؟ فرمايائون: هائو! اُن ذات جي قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، ان کان به وڌيڪ برو حال هوندو. اللہ پاڪ فرمائي ٿو: مون کي پنهنجي ذات جي قسم! مان (اُن وقت) ان تي اهڙو فِتنو مقرر ڪندس جنهن ۾ سمجهدار ماڻهو به حيران رهجي ويندا. ([2])

مسلماں آہ! غافِل ہو گئے نیکی کی دعوت سے                    بڑھا جاتا ہے ہائے! زورِ باطِل یارسولَ اللہ!

 

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي سنڀلجي وڃڻ گهرجي! اسان جي معاشري ۾ برائيون ايتريون عام ڇو ٿي ويون آهن؟ مسجدون ويران ۽ گناهن جا اڏا ڇو آباد آهن؟ ان لاءِ جو برائين جي ترغيب عام آهي، سوشل ميڊيا (Social Media)، انٽرنيٽ، ٽي وي چينلز، اخبارون (News Papers) ۽ نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان گناهه ڦهلجي رهيا آهن ۽ انهن جي ترغيب به عام ڏياري پئي وڃي، ان جي جڳهه تي جيڪڏهن اسان نيڪي جي دعوت عام ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  گناهن جو سيلاب رڪجي ويندو. ڪاش! هر مسلمان پنهنجي هن بنيادي ذميواري کي سمجهي. اسان جتي به هجون، حڪمتِ عملي سان، پنهنجي طاقت ۽ اختيار ڏسي بس نيڪي جي دعوت ڏيندا رهون. الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي

   اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 

سُنّتوں کی کروں خوب خدمت                                                                     ہر کسی کو دوں نیکی کی دعوت


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان،پارہ :10 ،سورۂِ توبہ،تحت الآیۃ :67 ،جلد:4 ،صفحہ :171- 172 ملخصاً۔

[2]...موسوعۃ امام ابن ابی الدنیا ، جلد:2 ،صفحہ :202، حدیث:31 ۔