Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

ان سان گڏوگڏ قرآن ۽ حديث ۾ نيڪ ماڻهن کي پنهنجو آئيڊيل (Ideal)   بڻائڻ جي باقاعده تعليم ڏني وئي آهي. الله پاڪ جو ارشاد  آهي:

وَّ اتَّبِـعْ سَبِیْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّۚ-

ترجموڪَنْزُالعِرْفان: ۽ منهنجي طرف رجوع ڪندڙ ماڻهوءَ جي رستي تي هل. (پاره: 21، لقمان: 15)

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو صاف ارشاد آهي، فرمايو پيو وڃي: هر اهو ٻانهو جيڪو * الله پاڪ جي طرف رجوع ڪندو آهي، * رب پاڪ جي رستي تي هلندو آهي، * نيڪ ڪم ڪرڻ وارو آهي، * رب جي رضا وارن ڪمن ۾ زندگي گذاريندڙ آهي، ان کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو ۽ ان جي پٺيان هلندا رهو. عالم سڳورا فرمائن ٿا: * صالِحِيۡن (يعني نيڪ ماڻهن) کي آئيڊيل بڻائڻ سنتِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي هلڻ جو وسيلو آهي. نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل بڻائڻ جي برڪت سان الله پاڪ جي خاص مدد ۽ نصرت ملندي آهي. * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل بڻائڻ جي برڪت سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خصوصي شفقت نصيب ٿيندي آهي. * جيڪو نيڪن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان تي الله پاڪ جي رحمت وسندي آهي. * جيڪو نيڪن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان جي، ان جي اهل و عيال، ايستائين جو ان جي پاڙيسرين جي به حفاظت ڪئي ويندي آهي. * جيڪو نيڪن کي آئيڊيل بڻائي ٿو، ان جون دعائون قبول ٿينديون آهن. * نيڪ ماڻهن جو رستو اختيار ڪرڻ جي برڪت سان دنيا ۾ ڀلائي، * سٺي ۽ پاڪيزه زندگي، * نيڪ عملن جي توفيق ملندي آهي. * ۽ جيڪو خوش نصيب نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل بڻائي ٿو، ان کي قبر جي امتحان ۾ ثابت قدمي، محشر جي هولناڪين کان امان، پل صراط کان نجات ۽ جنت ۾ نيڪ ماڻهن جو پاڙو نصيب ٿيندو آهي. ([1])

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                                                              گُنَاہوں سے ہر دم بچا یااِلٰہی!

مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                                                                                     کر اِخْلاص ایسا عطا یااِلٰہی!

عِبَادت میں گزرے مری زندگانی                                                                           کرم ہو کرم یا خُدا! یااِلٰہی!


 

 



[1]...حُسْنُ التَّنَبُّهِ لِمَا وَرَدَ فِی التَّشَبُّهِ ،جلد:1،صفحہ:238و425 و437و442 ،446و447 و461۔