Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي باري ۾ عام طور تي ائين سمجهيو وڃي ٿو ته سندن رنگ مبارڪ تمام گهڻو ڪارو هو، بلڪ بعض ماڻهو جڏهن سندن حليو مبارڪ بيان ڪندا آهن ته معاذ الله! هڪ وحشت ناڪ ماحول پيدا ڪندا آهن، الله پاڪ بي ادبي کان محفوظ فرمائي! هي صحيح نه آهي، حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو رنگ مبارڪ گندمي هو، عالم سڳورن سندن حليو مبارڪ بيان ڪندي لکيو: کَانَ شَدِیْدُالْاَدِمَۃِ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو رنگ مبارڪ گهڻو گندمي هو،([1]) يعني جيئن اناج جو داڻو هوندو آهي، ان کي ٿورو ڪاراڻ مائل ڪري ڇڏيو ته جيئن رنگ بڻبو، حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو رنگ مبارڪ ان انداز جو هو. پاڪ ۽ هند ۾ عموماً ماڻهن جا رنگ گندمي هوندا آهن.

اسلام کا جمال ہے تیرے جمال سے                               سیرت تری ہے دِین کی اک ترجماں بلال

وضاحت: ماڻهو ته سندن رنگ کي وٺي ڳالهيون ٺاهيندا آهن، پر حقيقت هي آهي ته اسلام جي خوبصورتي سندن ذات سان واضح ٿئي ٿي ۽ سندن ذات دينِ اسلام جي ترجمان آهي.

* حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سابِقُ الاِسۡلام آهن يعني سندن ابتداءِ اسلام ۾ ئي ايمان قبول ڪيو هو. * غلامي کان آزادي نصيب ٿيڻ جي بعد کان وٺي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصال ظاهري تائين حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر رهيا. * حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مؤذن رسول به آهن * ۽ خازنِ مصطفيٰ به آهن يعني رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم    مالي معاملات جي سارسنڀال حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي عطا ڪري ڇڏي هئي. * الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصال ظاهري کان پوءِ


 

 



[1]...معرفۃ الصحابہ لابی نعیم، جلد:1، صفحہ:333۔