Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

(wife) عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! بلال جڏهن گهر ايندا آهن، انهن جي زبان تي بس هڪ ئي ڳالھ هوندي آهي: قَالَ رَسُوْلُ اللهِ، قَالَ رَسُوْلُ اللهِ، اڄ رسول الله هي فرمايو، اڄ رسول الله هيئن فرمايو (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم).

عشق ڏسو! حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيستائين بارگاھِ رسالت ۾ حاضر رهندا آهن، ديدارِ مصطفى جا جام پيئندا رهندا آهن، جڏهن گهر ايندا آهن ته پنهنجي محبوب آقا، ٻنهي جهانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون ئي ڳالهيون ڪندا آهن.

وِچَھوڑِے دِے میں صَدْمِے روز جَھلَّاں یارسولَ اللہ!

کَرَاں میں تِیرِیَاں دِن رَات گَلَّاں یارسولَ اللہ!

 وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اَلْفِرَاق، مان رات ڏينهن توهان جي جدائي جي صدمي کي برداشت ڪيان ٿو، جدائي جي باھ کي گهٽائڻ لاءِ رات ڏينهن اوهان جون ڳالهيون ڪندو آهيان (پنهنجي غلام تي ڪرم ڪريو ۽ ان کي پنهنجو جلوو عطا ڪريو).

خير!  آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هيءَ ڳالهه ٻڌي چيو: مَاحَدَّثَکِ عَنِّیْ بِلالٌ فَقَدْ صَدَقَ، بلال منهنجي طرفان جيڪا به حديث بيان ڪري ٿو، اهو سچ آهي بِلالٌ لَا یَکْذِبُ                                      بلال ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو۔([1])

    اي عاشقان رسول! ڪمال ڏسو! سچا آقا، رسول خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سچي زبان سان سچي عاشق رسول حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سچائيءَ جي شاهدي ڏئي رهيا آهن۔ هي آهي حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي شان۔ ڪاش! حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي صدقي اسان کي هميشه سچ ڳالهائڻ جي توفيق ملي، ڪاش!


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:10، صفحہ:463۔