حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان جي آخر ۾ هڪ تمام اهم وضاحت به ٻڌي وٺو! * حَسْبُنَا اللہُ  جو مطلب آهي: اسان الله پاڪ تي ڀروسو رکون ٿا، * حَسْبُنَا اللہُ جو مطلب آهي: جڏهن ته الله پاڪ مون سان گڏ آهي، تنهن ڪري آءُ ڪنهن مشڪل کان نٿو ڊڄان،* حَسْبُنَا اللہُ جو مطلب آهي: جڏهن ته الله پاڪ مون سان گڏ آهي، آءُ رستي جي ڪنهن رڪاوٽ کان نٿو ڊڄان، ،* حَسْبُنَا اللہُ جو مطلب آهي: جڏهن ته الله پاڪ مون سان گڏ آهي، تنهنڪري منهنجا حوصلا بلند آهن، تنهنڪري آءُ بهادر آهيان، تنهنڪري مون کي ڪوبه خطرو ناهي، مون کي ڪوبه خوف ناهي.

    پر  حَسْبُنَا اللہُ جو هي مطلب ناهي ته مون کي الله ڪافي آهي * تنهنڪري آءُ نبين ۽ ولين کان بي نياز ٿي ويس * حَسْبُنَا اللہُ جو هي مطلب ناهي ته يا رسول الله چوڻ شرڪ ٿي ويو، حَسْبُنَا اللہُ جو هي مطلب ناهي ته يا غوث چوڻ شرڪ ٿي ويو. نه، نه...!! ان جو اهو مطلب هرگز ناهي، اچو! آءُ اوهان کي هڪ آيتِ ڪريمه ٻڌايان ٿو، الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ

تَرْجمو ڪَنْزُالعِرْفان: اي نبي!

اي اسان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اي غيب جون خبرون ٻڌائڻ وارا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم !

حَسْبُکَ اللّٰہُ

تَرْجمو ڪَنْزُالعِرْفان: الله توهان کي ڪافي آهي

توهان کي الله ڪافي آهي. هتان کان هاڻي ڳالهه سمجهڻ جي آهي، ڇا صرف الله ڪافي آهي؟ يا گڏ ڪجهه ٻيو به آهي؟ فرمايو: