Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
وَ مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ۠(۶۴)
تَرْجمو ڪَنْزُالعِرْفان: ۽ جيڪي مسلمان توهان جا پيروڪار آهن.
يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! توهان کي توهان جو رب ڪريم به ڪافي آهي ۽ گڏوگڏ هي جيڪي اوهان جا صحابه آهن، اوهان جو ڪلمو پڙهڻ وارا پڪا سچا مسلمان آهن، اهي به توهان کي ڪافي آهن.
معلوم ٿيو؛ اسان کي الله ڪافي آهي، ضرور ڪافي آهي پر ان جو هي مطلب هرگز ناهي ته الله پاڪ جي ٻانهن کان مدد گهرڻ، نبين ۽ ولين کان مدد گهرڻ شرڪ آهي؟ نه...!! نه...!! بيشڪ الله ئي ڪافي آهي، بيشڪ الله ئي مددگار آهي پر اهو مدد مختلف طريقن سان فرمائي ٿو.
آءُ هڪ مثال ذريعي عرض ڪريان، رازق ڪير آهي؟ الله پاڪ. اهو ئي سڀني کي رزق عطا فرمائي ٿو پر اسان الله پاڪ جي ان رزق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيون ٿا؟ دڪان کوليون ٿا، ڪاروبار ڪندا آهيون، محنت مزدوري ڪندا آهيون، ڇو؟ رازق ته الله پاڪ آهي، پوءِ اسان دڪان تي ڇو ٿا وڃون؟ يقيناً معمولي عقل رکندڙ مسلمان به اهو ئي چوندو ته رازق الله پاڪ ئي آهي، ان رزق عطا ڪرڻ جا انداز مختلف رکيا آهن، ڪنهن کي دڪان جي ذريعي رزق ملي ٿو، ڪنهن کي محنت مزدوري ڪري ملي ٿو، ڪنهن جو رزق ملازمت ۾ رکيو ويو آهي.
بلڪل اهڙي طرح اسان کي الله پاڪ جي رحمت ڪافي آهي، الله پاڪ جي مدد ڪافي آهي پر هي مدد *ڪڏهن ڪعبي کان ملي ٿي، *ڪڏهن بارگاھِ رسالت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم مان عطا ٿئي ٿي، ڪڏهن غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جي دروازي کان ملي ٿي، *ڪڏهن داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جي دربار کان ملي ٿي، *ڪڏهن خواجه اجمير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جي درِ دولت کان نصيب ٿئي ٿي. تنهنڪري هي بلڪل درست آهي ته اسان کي الله ڪافي آهي پر گڏوگڏ يا رسول الله! مدد! چوڻ، يا غوث! المدد!