Book Name:Nigah e Ghous Azam

برابر اُنھن جي مدد ۽ رهنمائي ڪري رهيا آهن۔([1])

وہ رُتبہ ترا ہے کہ جتنے ولی ہیں                                 سبھی تیرے زَیرِ قدم غوثِ اعظم

سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! اهي آهن حُضُور غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه...! غور فرمايو! اَولياءِ ڪرام اهي عظيم هستيون آهن جو ماڻهن کي ڪا مشڪل پيش ايندي آهي، ڪا پريشاني پهچندي آهي ته ماڻهو اَولياءِ ڪرام جي دَر تي حاضِر ٿيندا آهن، مشڪلاتون حل ڪرائيندا آهن، پر ان شان و عظمت جي، ان مقام ۽ مرتبي تي قربان جو جڏهن اَولياءِ ڪرام کي مشڪل پيش ايندي آهي ته انهن جي اِمداد جي لاءِ، انهن جي رهنمائي جي لاءِ پِيرانِ پِير، پِير دستگير، ولين جا ولي، غوثِ جَلي، شهنشاھ بغداد، حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪرم فرمائيندا آهن۔

خبر پئي ته سرڪار غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو روحاني تَوَجُّھ، سندن نِگاھ ڪرم اها نگاھ آهي جو وڏا وڏا ولي سڳورا به سندن ان نگاھِ ڪرم جا محتاج آهن۔ سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا:

تُو ہے وہ غوث کہ ہر غوث ہے شیدا تیرا                  تُو ہے وہ غَیْث کہ ہر غَیْث ہے پیاسا تیرا([2])

 وضاحت: يعني اي اسان جا پيارا غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! اوهان اهي غَوث، اهي مددگار آهيو جو سڄي زماني جا غَوث، زماني جا مددگار اوهان جا عاشِق، اوهان جا چاهيندڙ آهن ۽ اوهان برسات جا اهي پاڻي آهيو جو خُود برسات ان جي اُڃايل آهي۔  

هڪ ٻي هنڌ تي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

کوئی سالِک ہے یا واصِل ہے یاغوث!              وہ کچھ بھی ہو ترا سائِل ہے یاغوث!


 

 



[1]...مہرِ منیر، صفحہ:324۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:23۔