Book Name:Nigah e Ghous Azam

(جيڪي تيز هلن ٿيون) (3): نَاشِرَات (جيڪي خوب پکيڙين ٿيون) (4): فَارِقَات (جيڪي خوب جُدا ڪرڻ واريون آهن) (5):مُلۡقِيَات (جيڪي ذِڪر القا ڪرڻ واريون آهن)

اهي 5 شيون ڇا آهن؟ اهي ڇا جون وصفون آهن؟ هن باري ۾ مُفَسِّر سڳورن جا مختلف قول آهن، هڪ قول اهو آهي ته اهي پنجئي اولياء ڪرام جون صِفتون آهن۔([1]) هن قول جي مطابق انهن آيتن جي معني ڇا ٿيندي؟ هن کي مشهور مُفَسِّر قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ”مواعِظِ نعيميه“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي، اچو! هن جو خُلاصو ٻڌون ٿا:

(1):   وَ الْمُرْسَلٰتِ عُرْفًاۙ(۱) (قسم انهن جو جيڪي لڳاتار موڪليون وينديون آهن.) يعني اَولياءِ ڪرام جي اُنهن جماعتن جو قسم جيڪي قيامت تائين لاڳيتو موڪليون پيون وينديون۔

معلوم ٿيو؛ نبوت جيتوڻيڪ ختم ٿي چڪي آهي، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن آخري نبي بڻجي تشريف فرما ٿي چڪا، هاڻي قيامت تائين ڪو به نبي نه ايندو، البت اَولياءِ ڪرام قيامت تائين ايندا رهندا۔([2])

(2): فَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًاۙ(۲) (پوءِ انهن جو جيڪي نهايت تيز هلڻ واريون آهن.) يعني انهن اَولياءِ ڪرام جو اهو شان آهي جو اهي دِلين جو مَر مٽي، گُنَاهن جي ڪاراڻ وغيره ائين پري ڪندا آهن جيئن هوا جا تيز جھوٽا زمين تان گند ڪچرو پري ڪندا آهن، اَولياءِ ڪرام جي نگاھِ فيض سان عقيدي جي گندگي


 

 



[1]...تفسیر روح المعانی، پارہ:29، سورۂ مرسلات، جلد:15، جزء:29، صفحہ:264

تفسیر بیضاوی، پارہ:29، سورۂ مرسلات، جلد:8، صفحہ:296۔

[2]...مواعظِ نعیمیہ، صفحہ:210-211خلاصۃً۔