Book Name:Nigah e Ghous Azam

پري ٿيندي آهي، اخلاقي گندگيون پري ٿينديون آهن، گُنَاهن جون گندگيون پري ٿينديون آهن، ڪردار سٿرو ۽ باطِن چمڪدار ٿيندو آهي، اهڙي طرح اَولياءِ ڪرام جي نگاھ سان ظاهري جسم جون بيماريون، ڏُک، دَرد، پريشانيون به ختم ٿينديون آهن۔

(3): وَّ النّٰشِرٰتِ نَشْرًاۙ(۳) (۽ خوب پکيڙڻ وارين جو.) يعني انهن اَولياءِ ڪرام جو اهو شان آهي جو اهي جنهن پاسي نگاھ فيض کڻن ته ان پاسي حق جي هاڪ وڌڻ لڳندي آهي، اهي جيڏانهن توجُّھ ڪن، ان پاسي اسلام جو پرچم بُلند ڪري ڇڏيندا آهن، سُنّتن جي بهار اچي ويندي آهي، ڪافِر ڪلمو پڙھي ايمان جي دولت سان مالا مال ٿيندا آهن ۽ ايمان وارن کي ايمان جي حلاوت، ايمان جي نورانيت نصيب ٿيندي آهي ۽ اَولياءِ ڪرام جي برڪت سان انسان اَنوار جو گلدستو بڻجي ويندو آهي۔

(4): فَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًاۙ(۴) (پوءِ خوب جدا ڪرڻ وارين جو.) يعني اَولياءِ ڪرام جي اها مبارڪ جماعت حق ۽ باطِل ۾ فرق ڪرڻ واري آهي، اَوَّل ته اَولياءِ ڪرام جي ذات ئي اها ذات آهي جو ان سان حق ۽ باطل ۾ فرق ٿيندو آهي، ڏسو! حديثِ قُدسي ۾ آهي: مَنْ عَادٰی لِیْ وَلِیًّا اٰذَنْتُہٗ بِالْحَرْبِ جيڪو منهنجي ڪنهن ولي سان دُشمني رکي، مان ان سان جنگ جو اعلان ڪيان ٿو۔ معلوم ٿيو اَولياءِ ڪرام جو وُجُود حق ۽ باطِل ۾ فرق ڪندڙ آهي، اهو ڪيئن؟ هن طرح جو جيڪو هنن سان محبت رکندڙ آهي، يقيناً اهو حق جي راھ تي آهي ۽ جيڪو هنن سان دُشمني رکندڙ آهي، اهو هرگز حق جي راھ تي نٿو ٿي سگھي جو ان کي ته الله پاڪ اعلانِ جنگ ڏنو آهي ۽ جنهن کي الله پاڪ اعلانِ جنگ ڏئي، اهو ڀلا ڪيئن جنّت واري راھ تي ٿي سگھي ٿو۔ لهٰذا اَولياءِ ڪرام جو وُجُود ئي حق ۽ باطِل ۾ فرق ڪندڙ آهي۔ پوءِ اَولياءِ ڪرام جو اهو شان هوندو آهي جو اهي