Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

حڪم ٻڌائيندا، حڪم ٻُڌي حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام جهنّم ۾ ويندا۔

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيئن ماءُ پنهنجي ٻارن کي سڃاڻي ٿي، حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام ايئن ئي جهنّم کي سڃاڻن ٿا، ان جي باوُجُود اهي ان يَا حَنَّانُ، يَا مَنَّانُ چوڻ واري شخص کي ڳولهي نه سگھندا۔ ٻاهر اچي حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي عرض ڪندا: اي جبرائيل! جهنّم وڏو ساھ کنيو آهي، ان ڪري ڪهڙي شيء پٿر آهي، ڪهڙي شيء لوھ آهي ۽ ڪير انسان آهي، ان جي سڃاڻپ نه پئي ٿئي۔ حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيهر عرشِ اِلٰهي اڳيان حاضِر ٿيندا، مٿو سجدي ۾ رکندا۔ الله پاڪ ارشاد فرمائيندو: اي جبرائيل! مٿو مٿي کڻ...! تون يَا حَنَّانُ، يَا مَنَّانُ پُڪارڻ واري کي ڇو نه وٺي آيو آهين۔ حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندا: موليٰ! جهنّم جي داروغي (محافظ) حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام مَعذرت ڪئي آهي، اهي چون ٿا: جهنّم ساھ کنيو آهي، ان ڪري پٿر، لوھ ۽ انسانن جي وچ ۾ ڪو فرق ناهي بچيو، ڪنهن شيء جي سڃاڻپ نه پئي ٿئي۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي جبرائيل! مالِڪ کي چئو! منهنجو ٻانهو جهنّم جي فُلاڻي کڏ ۾، فُلاڻي ڪنڊ ۾، هن هن طرح پيل آهي۔

حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ٻيهر جهنّم جي دروازي تي ويندا، حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام کي يَا حَنَّانُ، يَا مَنَّانُ پُڪارڻ واري جو پَتو ٻڌائيندا، حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام جهنّم جي اندر ويندا، ڏسندا ته هڪ شخص آهي، اُن جا پير سندس نرڙ سان ۽ هٿ ڪنڌ سان ٻڌل آهن ۽ جهنّم جا نانگ، وڇون ان سان چنبڙيل آهن۔ حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام ان جون زنجيرون ٽوڙيندا ۽ جهنّم مان ڪڍي حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي حوالي ڪندا۔ حضرت جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي وٺي عرشِ اِلٰهي جي سامهون حاضِر ٿيندا ۽ مٿو سجدي ۾ رکندا۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي جبرائيل! مٿو مٿي کڻو۔ جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام مٿو کڻندا۔ هاڻي الله پاڪ اُن ٻانهي کي فرمائيندو: اي منهنجا ٻانها! ڇا مون تنهنجي بهترين تخليق نه ڪئي هئي؟ ڇا