Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

والِدين جي خدمت ڪئي هوندي * گُنَاهن کان بچندا رهيا هونداسين ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِيْم! الله پاڪ جي رحمت سان، ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت سان قيامت واري ڏينهن اسان جي نيڪين جو پُڙ وزني هوندو ۽ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِيْم! اسان جنّت جا حق دار ٿينداسين ۽ * الله نه ڪري، الله نه ڪري جيڪڏهن دُنيا ۾ گُنَاھ ڪيا هوندا * ڄاڻي واڻي نمازون قضا ڪيون هونديون * ڄاڻي واڻي روزا قضا ڪيا هوندا * فرض ٿيڻ جي باوُجُود زڪوٰة ادا نه ڪئي هوندي * وياج ڏيڻ وٺڻ جاري رکيو هوندو *والدين جي دِل ڏُکائي هوندي * مسلمانن کي تڪليفون ڏنيون هونديون * فلمن، ڊرامن وغيره ۾ وقت برباد ڪيو هوندو * افسوس..! اسان جي گُنَاهن جي سبب ڪالھ بروزِ قيامت الله پاڪ جي رحمت کان محرومي ٿي وئي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي شَفَاعت نصيب نه ٿي ته سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پوندو، اسان جي گُنَاهن جو پُڙ وزني ٿي ويو، نيڪيون گھٽجي ويون ته افسوس...! اسان جهنّم جا حق دار ٿينداسين۔

مجھے بخش دے بےسبب یااِلٰہی! نہ کرنا کبھی بھی غضب یااِلٰہی!

گُنَاہوں نے ہائے کہیں کا نہ چھوڑا  میں کب تک پھروں خوار  اب یااِلٰہی!

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے ہو مجھ ناتواں پر کرم یااِلٰہی!

خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا پڑھوں کلمہ جب نکلے دم یااِلٰہی!

گُنَاہوں سے بھرپُور نامہ ہے میرا مجھے بخش دے کر کرم یااِلٰہی!([1])

اي عاشقانِ رسول! مرڻ کان بعد واري هميشه جي زِندگي ۾ راحت ۽ آرام حاصل ڪرڻ جي لاءِ، جنّت ۾ وڃڻ جي لاءِ اسان کي هن دُنيا ۾ نيڪ عمل ڪرڻا پوندا، گُنَاهن کان بچڻو پوندو۔ لهٰذا جهنّم جي عذابات جو تَصَوُّر ٻڌو! خوفِ خُدا کان ڏڪي وڃو ۽ جنّت ۾ وڃڻ جي حِرص ۾ اڄ ئي کان پڪي


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:107 و 110۔