Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

مون تو ڏانهن رسول نه موڪليا هئا؟ ڇا اُن رسولن تو کي منهنجو ڪتاب نه ٻڌايو هو؟ ڇا منهنجي رسولن توکي نيڪي جو حڪم نه ڏنو هو، توکي بُرائي کان منع نه ڪيو هو؟ اهو ٻانهو انهن تمام ڳالهين جو اقرار ڪندو (يعني چوندو: ها! ياالله پاڪ! تو منهنجي تمام اعليٰ تخليق فرمائي، تنهنجا رسول به آيا، انهن تنهنجا احڪام به ٻُڌايا)۔ الله پاڪ فرمائيندو: پوءِ تو فُلاڻا فُلاڻا گُنَاھ ڇو ڪيا؟ ٻانهو عرض ڪندو: ياالله پاڪ! مون پنهنجو پاڻ تي ظُلم ڪيو، جنهن جي سزا ۾ مون کي جهنّم ۾ وڌو ويو، ان جي باوُجُود منهنجي اُميد نه ٽُٽي، مون کي تنهنجي رحمت مان اُميد هئي، ان ڪري مان يَا حَنَّانُ، يَا مَنَّانُ پُڪاريندو رهيس، موليٰ! تون پنهنجي فضل سان مون کي جهنّم مان ڪڍيو آهي، ياالله پاڪ! هاڻي مون تي رحم فرماءِ۔ الله پاڪ فرمائيندو: اي ملائڪؤ! شاھد ٿي وڃو...! مون هن ٻانهي تي رحم ڪيو ۽ اُن کي معاف ڪري ڇڏيو۔([1])

          اي عاشقانِ رسول! هي آهي اهو جهنّم جيڪو هڪ ساھ کڻي ته پٿر، لوھ ۽ انسان جي وچ ۾ فرق نٿو رهي، ايستائين جو حضرت مالِڪ عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪي جهنّم وارن کي ايئن سڃاڻن ٿا جيئن ماءُ پنهنجي ٻارن کي سڃاڻي ٿي، اهي به پٿر، لوھ ۽ انسان جي وچ ۾ فرق نه ڪري سگھيا۔ هي اهو جهنّم آهي، ان ۾ اهي ويندا جن جي گُنَاهن جو پُڙ وزني هوندو۔

گنہگار ہوں میں لائِقِ جہنّم ہوں                 کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یارَبّ!

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هينئر زِندھ آهيون، اسان ساھ کڻي رهيا آهيون، سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اسان جا هن دُنيا ئي ۾ ڪيل عمل توريا ويندا * جيڪڏهن اسان دُنيا ۾ خوب نيڪيون ڪيون هونديون * خوب نمازون پڙھيون هونديون * روزا رکيا هوندا * صدقو ۽ خيرات ۾ وڌي حصو ورتو هوندو * نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ اڳڀرا رهيا هونداسين *


 

 



[1]...شرح مسند ابی حنیفہ، صفحہ:20-24۔