Surah-e-Al Qaria

Book Name:Surah-e-Al Qaria

اها وڏي اهم ڳالھ آهي۔ جيڪڏهن اسان هن انداز سان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، قرآنِ ڪريم جي تِلاوت به ڪيون، ان کي سمجھون ۽ ان جو اَثَر به وٺون ته يقين مڃو! اسان جي زِندگي ۾ رونق اچي ويندي، اسان جي زِندگي ۾ نيڪين جي بهار اچي ويندي۔ حضرت وُھَيْب بِن وَرْد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان قرآنِ پاڪ جي تِلاوت ڪرڻ، ان کي سمجھڻ ۽ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا ٻي شيء دِلين کي نرم ڪرڻ واري ناهي لڌي۔([1])

  يعني دِل کي نَرم ڪرڻ، دِل ۾ خوفِ خُدا پيدا ڪرڻ، دِل مان گُنَاهن جو مير صاف ڪرڻ ۽ دِل ۾ نيڪي جو جذبو جاڳائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ مُؤثِّر (اثر ڪرڻ واري) جيڪا شيء آهي اها هي آهي ته اسان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪيون، ان کي سمجھون، ان ۾ غور ۽ فِڪر ڪيون ۽ ان جو اَثَر به قبول ڪيون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِيۡن بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيِّیۡن  صَلَّى  اللّٰهُ  عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۔

دے شوقِ تِلاوت، دے ذوقِ عبادت           رہوں باوُضو میں سدا یااِلٰہی!([2])

  الحمد لله! عاشِقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اسان کي قرآنِ ڪريم سکڻ، سمجھڻ جا ڪافي سارا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ مثال طور؛ * ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو (عُمُوماً اهو حلقو فجر کان پوءِ لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ قرآنِ ڪريم جون 3 آيتون ترجمي تفسير سان پڙھي ٻڌايون وينديون آهن) هن ۾ شرڪت ڪيو! * اهڙي طرح ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: اسلامي ڀائرن جو مدرسة المدينه (هن ۾ قرآنِ ڪريم دُرُست تجويد ۽ قراءَت سان پڙھڻ سيکاريو ويندو آهي) هن ۾ شرڪت ڪيو! * دعوتِ اسلامي جي اشاعتي


 

 



[1]...احیاءُ العلوم مترجم، جلد:1، صفحہ:863۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:102۔