Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

بيشمار جاين تي ڏٺو ويندو آهي،

 پيارا اسلامي ڀائرو! رجبُ المُرجب جو برڪتن وارو مهينو تشريف وٺي اچڻ وارو آهي الحمد لله! پهرين رجبُ المُرجب کان 7 رجبُ المُرجب تائين اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نمازِ عشاء کان بعد مدني چينل تي براءِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا تمام عاشقانِ رسول مدني مذاڪري ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائن اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! خوب علمِ دين جون برڪتون حاصل ٿينديون.  اچو! هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

علم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

پنجاب، پاڪستان واھ ڪينٽ (ضلع راولپنڊي) جي هڪ نوجون جو بيان آهي: نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي ڪري شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وغيره ٻڌڻ منهنجو معمول هو، افسوس! مان سنّتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هيس، منهنجي گناھن سان ڀريل زندگيءَ ۾ بهار هيئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. انهن مون کي سمجهائيندي اجتماعي سنّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو، انهن جي پياري انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي اثر ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿي ويس، هاڻي منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُر سوز بيانات ۽ رقت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي، ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن پُر اثر ملفوظات سان مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون فوراً پنهنجي سابقه گناهن کان توبھ ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو عزم ڪري ورتو، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ رات تي گهر وڃڻ بدران راھِ خدا جو مسافر بڻجي ويس جتي علمِ دين جي سنهري موتين