Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

طرح ڄاڻيندو آهي، تنهنڪري) منهنجو آهسته پڙهڻ به ٻڌندو آهي.[1]

   داتا حُضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هي (يعني حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عمل مبارڪ ۾) مجاهدي جي شان جو مظاهرو آهي ۽ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عمل مبارڪ ۾ مشاهدي جي شان جو مظاهرو آهي. داتا حُضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: مشاهدي ۽ مجاهدي جو مثال ائين آهي جيئن سمنڊ ۾ قطرو (يعني ايمان جي مشاهدي وارو درجو جيڪڏهن سمنڊ آهي ته  مجاهدي وارو درجو قطري جيان آهي).[2]

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي صدقِ اڪبر جي ايمان جو شان...!! حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي متعلق پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ڏٺو ۽ تعبير ڇا فرمائي؟ دين جي مضبوطي. اهو عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن جي ذريعي اسلام جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو، اهو عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مقابلي ۾ هڪ حصو ڀلائي جا مالِڪ آهن ته غور فرمايو! دنيا جا باقي ماڻهو صِدّيقِ اڪبر جي مقابلي ۾ ڪهڙي درجي تي هوندا...!!

عمر سے بھی وہ افضل ہیں  وہ عثماں سے بھی ہیں اعلیٰ یقیناً پیشوائے مُرتَضَیٰ صِدِّیقِ اکبر ہیں

خُدائے پاک کی رحمت سے انسانوں میں ہر اِک سے فُزوں  تر  بعد    از   کُل  انبیا   صِدِّیقِ   اکبر   ہیں[3]

”صِدِّيقِ اَڪبَر“ جي معنٰي

  پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابو بڪر صِديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو نهايت پيارو ۽ مشهور لقب آهي: صِدّيقِ اڪبر. هي لقب پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪٿان مليو؟ ڪنهن ڏنو؟ حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه کي هي لقب الله پاڪ


 

 



[1] ابو داود،کتاب التطوع،باب رفع الصوت بالقراءۃ فی صلاۃ اللیل،صفحہ:217،حدیث:1329۔

 [2]فضائل الصحابہ لاحمد بن احنبل،صفحہ:429،حدیث:678۔  کَشْفُ الْمَحْجُوب(مترجم)،صفحہ:102بتغیر قلیل۔

[3] وسائلِ بخشش، صفحہ:566 ۔