Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

هڪ خواب ڏٺو، جيڪو بحيرا نالي راهب کي ٻڌايائون. ان پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو: اوهان ڪٿان کان آيا آهيو؟ فرمايائون: مڪي کان. ان وري پڇيو: ڪهڙي قبيلي سان تعلق رکو ٿا؟ فرمايائون: قريش سان. پڇيائين: ڇا ڪندا آهيو؟ فرمايائون: تاجِر آهيان. اهو راهب چوڻ لڳو: جيڪڏهن اوهان جو خواب سچو آهي ته اوهان جي قوم ۾ هڪ نبي مبعوث ٿيندو، انهن جي حيات ۾ اوهان سندس وزير ٿيندا ۽ وصال کان بعد سندن جانشين ٿيندا. حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه ان واقعي کي پوشيده رکيو، ڪنهن کي به نه ٻڌايائون. پوءِ جڏهن مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن نبوت جو اعلان فرمايو ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جن بارگاھِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ عرض ڪيو: مان گواھي ڏيان ٿو ته الله پاڪ کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي ۽ مان ان ڳالھ جي گواھي ڏيان ٿو ته اوهان الله پاڪ جا سچا رسول آهيو. پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ان ڏينهن منهنجي اسلام آڻڻ تي مڪي شريف ۾ سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان وڌيڪ ڪو به خوش نه هو.[1]

امیر المؤمنیں ہیں آپ، امام ُالمسلمیں ہیں آپ                                  نبی نے جنّتی جن کو کہا صِدِّیق اکبر ہیں

(2) وڻ صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه  سان ڪلام ڪيو

 حضرت ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه پاڻ ارشاد فرمائن ٿا: جاهليت جي زماني  ۾ مان هڪ ڏينهن هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هيُس. اوچتو ان وڻ جي هڪ ٽاري منهنجي طرف جهڪڻ لڳي ايستائين جو اها ايترو ويجهو اچي وئي جو منهنجي مٿي سان اچي لڳي. مان ان کي ڏسي رهيو هيُس ۽ دل ۾ سوچي رهيو هيس ته هي مون سان ڇا ٿي رهيو آهي؟ انهيءَ وڻ مان هي آواز منهنجي ڪنن ۾ گونجهيو ته الله پاڪ جو هڪ سچو نبي فلاڻي وقت ظاهر ٿيندو توکي گهرجي ته (ان تي ايمان آڻ ۽ ان جو دوست بڻجي ڪري) سڀ کان وڌيڪ سعادت مند بڻج. مون ان کي چيو: مون کي واضح ڪري ٻڌاءِ ته اهو نبي ڪير آهي ۽ ان جو نالو ڇا آهي؟ ان


 

 



[1] الریاض النضرۃ،القسم الثانی،باب الاول،فصل الرابع،جز:1،صفحہ:72۔