Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

اسلامي ڀائرن جي لاءِ آهن، ان کان علاوه اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63 نيڪ اعمال، طالبن جي لاءِ 92 نيڪ اعمال، ننڍن سمجهدار ٻارن جي لاءِ 40 نيڪ اعمال آهن، الحمد لله! هي نيڪ اعمال گهڻي قدر ايمان جي انهن شعبن تي مشتمل آهن، جن تي عمل جي برڪت سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي، جيڪڏهن اسان ڪوشش ڪري انهن نيڪ اعمال کي پنهنجي زندگي ۾ نافذ ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪردار به چڱو ٿي ويندو، دل به پاڪ ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته ايمان به پختو ٿي ويندو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن   صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صديقِ اڪبر   ۽  ايمان جي تقاضائن تي عمل

  اسان جا اڳواڻ، مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صِدّيق رَضِىَ اللهُ عَنْه ايمان جي شعبن، ايمان جي تقاضائن تي ڪيئن عمل ڪندا هئا. اچو ٻڌو! حضرت ابو اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن رسولِ اڪرم، شاھِ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي فرمايو: اڄ ڪنهن  روزو رکيو آهي؟ تمام صحابه خاموش رهيا حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسولَ الله! مون رکيو آهي. سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيهر پڇيو: اڄ ڪنهن بيمار جي عيادت ڪئي آهي؟ تمام صحابه خاموش رهيا، حضرت ابو بڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه جن وري هائو ۾ جواب ڏنو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ٽئين ڀيري پڇيو: اڄ الله جي راھ ۾ صدقو ڪنهن ڏنو آهي؟ ان تي به ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه چيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مون ڪيو آهي.

 هي ٻڌي ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُسڪرايو پوءِ فرمايائون: ان پاڪ ذات جو قسم جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ منهنجي جان آهي! هڪ ڏينهن ۾ هنن عملن کي (نهايت ڪامل ايمان واري) مومن ئي جمع ڪيو ۽ اهو هنن اعمال جي