Book Name:Shan e Iman e Siddique
مسلمانن جا چوٿان خليفا عليُ المُرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هن آيت ۾ سچ آڻڻ واري مان مُراد حُضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات پاڪ آهي ۽ تصديق ڪرڻ واري مان حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه مُراد آهن.[1]
اَصْدَق ُالصَّادِقِیں سَیِّدُ الْمُتْقِیں چشم و گوشِ وِزارت پہ لاکھوں سلام[2]
صِدّيقِ اڪبر بنا سوچڻ جي ايمان قبول ڪيو
حضرت عبدُ الله تميمي رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون جنهن شخص کي به اسلام جي دعوت ڏني ان سوچيو ۽ ٿورو گهڻو غور ۽ فڪر ضرور ڪيو پر ابو بڪر صديق کي جڏهن مون اسلام جي دعوت ڏني ته انهن بنا سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر جي فوراً ڪلمو پڙهي ورتو.[3]
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! هي آهي صديقِ جي ايمان جي شان...!!
بیاں ہو کس زباں سے مرتبہ صِدِّیقِ اکبر کا ہے یارِ غار محبوبِ خدا صِدِّیقِ اکبر کا[4]
بخاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي، صحابيءِ رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کي فجر جي نماز پڙهائي، سلام ڦيرڻ کان بعد رُخِ انوَر اسان ڏي ڪيائون ۽ فرمايائون: هڪ شخص پنهنجي ڍڳي ڪاهي وڃي رهيو هو، پوءِ اهو ان تي سوار ٿي ويو ۽ ڍڳي کي مارڻ لڳو، ان تي ڍڳيءَ ان شخص کي چيو: اِنَّا لَمْ نَخْلُقْ لِہٰذَا