Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جو جواب ڇا ڏنو؟ پاڻ  ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صديق ۽ فاروق جي ايمان کي گواھي طور بيان ڪيو ته جڏهن مان رسولِ خدا ٿي ڪري ان تي ايمان رکان ٿو، ابوبڪر صديق ٿي ڪري ايمان رکن ٿا، عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه فاروق ٿي ڪري ايمان رکن ٿا ته يقيناً ڳالھ اهڙي ئي آهي، جهڙي مون چئي آهي. علّامه ابنِ حجر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: (پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي تعجب جي جواب ۾ صِدّيقِ اڪبر ۽ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي ايمان کي شاهدي طور ذڪر ڪيو، هي ان ڪري آهي جو) صديق ۽ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْهما جو ايمان نهايت ڪامل ۽ يقين نهايت پختو آهي.[1]

الله ۽ رسول تي ڪامل ڀروسو

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ايمان ڪيڏو مضبوط هو، ان بابت وڏو مشهور واقعو آهي: غزوهءِ تبوڪ جو موقعو هو، دين جي خدمت جي لاءِ مال جي ضرورت هئي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صدقي ۽ خيرات جي ترغيب ڏياري، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم پنهنجي پنهنجي حيثيت جي مطابق راھِ خدا ۾ مال پيش ڪيو ۽ ماشآءَ الله! صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه ته پوءِ صديق اڪبر آهن. پاڻ گهر ويا، گهر جوسڄو سامان کنيائون ۽ کڻي ڪري بارگاھِ رسالت ۾ پيش ڪري ڇڏيائون. جڏهن پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: اي ابو بڪر گهر وارن جي لاءِ به ڇڏي آيو آهين؟ ته عرض ڪيائون: يا رسولَ الله! گهر وارن جي لاءِ الله ۽ ان جو رسول ئي ڪافي آهي.[2]

پروانے کو چراغ تو بُلْبُل کو پھول بس                    صِدِّیق کے لئے ہے خُدا کا رسول بَس


 

 



[1] فتح الباری،کتاب فضائل اصحاب النبی ،باب قول النبی …الخ،جلد:7،صفحہ:35 ،تحت الحدیث:3663 ۔

[2] ترمذی، کتاب المناقب عن رسول اللہ، باب فی مناقب ابی بکر وعمر، صفحہ:838،حدیث:3684۔