Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

چيو: مُحمد بن عبدُ الله بن عبدُ المُطلب بن هاشم. مون چيو: اهو منهنجو دوست ۽ منهنجو حبيب آهي. مون ان وڻ کان واعدو ورتو ته جنهن وقت هو مبعوث ٿي وڃي ته مون کي خوشخبري ڏجانءِ. جڏهن الله پاڪ جو محبوب، داناءِ غيوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مبعوث ٿيو ته ان وقت وڻ مان آواز آيو: اي ابو قحافه جا پٽ! اهو نبي مبعوث ٿي چڪو آهي هاڻي ڪوشش ڪيو ۽ قسم آهي موسٰي جي ربَّ جو! اسلام ۾ ڪو اوهان تي سبقت نه ڪندو. جڏهن صبح ٿيو ته مان رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ پهتُس. رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مون کي ڏسي ڪري فرمايو: اي ابوبڪر! مان اوهان کي الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي طرف سڏيان ٿو. مون چيو: مان گواھي ڏيان ٿو ته اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا رسول آهيو، الله پاڪ اوهان کي حق ڏئي ڪري روشن چراغ بڻائي ڪري موڪليو آهي، مون اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آندو.[1]

بیاں ہو کس زباں سے مرتبہ صِدِّیقِ اکبر کا             ہے یارِ غار محبوبِ خدا صِدِّیقِ اکبر کا

رُسُل اور انبیا کے بعد جو افضل ہو عالم سے            یہ عالم میں ہے کس کا مرتبہ صِدِّیقِ اکبر کا

نبی کا اور خدا کا مدح گو صِدِّیقِ اکبر ہے                   نبی صدیق اکبر کا خدا صِدِّیقِ اکبر کا[2]

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه  جو  مختصر تعارف

 * خَلِيفَة المُسلِمِين، جانشينِ رَحمَة لّلعٰلَمِين، اميرُ المُومِنين حضرت سَيدُنا صِدِيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مبارڪ نالو: عبدالله، ۽ سندن ڪُنيت: ابوبڪر ۽ صديق ۽ عَتِيق سندن لقب آهن.[3] * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه قريشي آهن * ستين پيڙهي ۾


 

 



[1] تاریخ مدینہ دمشق ،جلد:30 ،صفحہ:30۔

[2] ذوقِ نعت،صفحہ:76 ملتقطًا۔

[3] معجمِ کبیر، جلد:1، صفحہ:20، حدیث:9۔