Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

صديق جي ايمان جي ڪمال جو  هڪ رازُ

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابو بڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي اهڙو ڪامل ايمان نصيب ٿيڻ يقيناً الله پاڪ جي عنايت ۽ انهيءَ جي عطا سان آهي، باقي هي دنيا دارُ الاسباب آهي، يقيناً پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪامل ايمان جو ڪو ظاهري سبب به هوندو، اهو ڪهڙو آهي؟ عُلماء فرمائن ٿا: حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه روزانو بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي هڪ ئي سوال پڇندا هئا: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ايمان ڇا کي چوندا آهن؟ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايمان جو هڪ درجو بيان فرمائيندا هئا حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه ان درجي تي عمل ڪندا هئا ۽ صبح جو اچي ڪري وري اهو ئي سوال پڇندا هئا: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ايمان ڇا کي چوندا آهن؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايمان جو اڳيون درجو بيان فرمائيندا هئا ائين صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه روزانو ايمان جو هڪ نئون درجو سکندا هئا ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ان تي عمل ڪندي اڳئين ڏينهن نئون سبق وٺندا هئا، ائين ڪندا رهيا، روزانو پڇندا رهيا، ايمان جو هڪ هڪ درجو طئي ڪندا ويا، ايستائين جو ايمان جي بلند ترين (Highest Level) درجي تي پهچي ويا.[1]

     سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! جذبو ڏسو! شوق ۽ ذوق ڏسو! حضرت ابوبڪر صِدّيقِ رَضِىَ اللهُ عَنْه روزانو پڇندا هئا: يا رسولَ الله! ايمان ڇا آهي ۽ جيڪو جواب ملندو هو ان تي هڪ ئي ڏينهن ۾ عمل ڪري، ايمان جو اهو درجو طئي ڪري اڳئين ڏينهن وري حاضر ٿي ويندا هئا.

        سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! الله پاڪ اسان کي به اهڙو شوق ۽ ذوق نصيب فرمائي، نه ته اسان جو حال ئي عجيب آهي * ڪاروبار جي باري ۾ ضرور سوچيو ويندو آهي * مال جي متعلق حساب ڪتاب ضرور ڪيو ويندو آهي * هڪ سال پهريان آمدن


 

 



[1] سبع سنابل مترجم ،صفحہ:68 بتغیر قلیل۔