Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

وضاحت: يعني سچن ۾ سچا، متقين جي سردار، وزيرِ مصطفٰي، حضرت صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه تي لکين سلام هجن.

صديقِ اڪبر جي ايمان جو شان

  صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَوْ وُزِنَ اِیْمَانُ اَبِی بَکْرٍ بِاِیْمَانِ اَہْلِ الْاَرْضِ لَرَجَحَ يعني جيڪڏهن ساهمي جي هڪ پُڙَ ۾ ابوبڪر جو ايمان رکيو وڃي، ٻئي پُڙَ ۾ تمام زمين وارن جو ايمان رکيو وڃي ته ابوبڪر جو ايمان سڀني زمين وارن جي ايمان کان وزندار ٿيندو.[1]

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان جو. زمين وارن ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم به آهن، تابعين به آهن، قيامت تائين اچڻ وارا امّت جا اولياء به آهن، گذريل امّتن جا مسلمان به آهن، انهن سڀني جو ايمان هڪ پاسي يارِ غارِ مصطفٰي، عاشقِ اڪبر، حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ايمان هڪ پاسي، جيڪڏهن انهن سڀني جو ايمان ساهمي ۾ رکي ڪري حضرت ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ايمان سان توريو وڃي ته ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ايمان وڌيڪ وزندار ٿيندو.

اُن کے مَدّاح نبی، اُن کا ثَنا گو اللہ                        حق اَبُو الْفَضلْ کہے اور پیمبر صِدِّیق[2]

جڏهن صديق جو  ايمان ساهميءَ ۾ توريو  ويو...!!

   پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ هوندو آهي صرف علم، هڪ هوندو آهي تجربو، ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. مثال طور هڪ شخص آهي، اهو چئي ٿو: ماکي مِٺي هوندي آهي. پر حالت هي آهي جو ان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ماکي کاڌي ناهي،


 

 



[1] الكامل فی الضعفاءالرجال،جلد:5،صفحہ:214، رقم:1015-عبد اللہ بن عبد العزیزبن ابی روّاد ۔

[2] دیوانِ سالک،صفحہ:70