Shan e Iman e Siddique

Book Name:Shan e Iman e Siddique

ايمان جي تقاضائن تي عمل ڪيو!

   ايمان جا ڪجھ شعبا هوندا آهن، جيڪي حديثن ۾ بيان ٿيا آهن، مُحدثن سڳورن ايمان جي شعبن جي باري ۾ پورا پورا ڪتاب لکيا آهن، هي شعبا اصل ۾ ايمان جي تقاضا آهن، انهن تي مضبوطي سان عمل ڪرڻ سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي. مثال طور: * الله پاڪ جي محبت ايمان جو هڪ شعبو آهي * خوفِ خدا ايمان جو شعبو آهي * عشقِ مصطفٰي ايمان جو هڪ شعبو آهي * نماز پڙهڻ ايمان جو هڪ شعبو آهي، اسان نماز جي پابندي اختيار ڪيون * روزا رکڻ ايمان جو هڪ شعبو آهي، روزا رکون، ايمان مضبوط ٿيندو * حج ڪرڻ * زڪوٰة ڏيڻ * دين جي خدمت ڪرڻ * شڪر ڪرڻ * زبان کي گناھن کان بچائڻ * حياء اپنائڻ * گناھ ڇڏڻ هي سڀ ايمان جا شعبا آهن، انهن تي مضبوطي سان عمل ڪرڻ سان ايمان مضبوط ٿيندو، ڪاش! اسان ايمان جي انهن شعبن تي مضبوطي سان عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، جيئن ڪاروبار جو، آمدن خرچ وغيره جو گراف بڻائيندا آهيون، ائين انهن جو به هڪ گراف بڻائڻ گهرجي، مثال طور * ڏينهن ۾ 5 نمازون پڙهڻ ته فرض آهي، هي ته پڙهڻيون ئي پڙهڻيون آهن * ان سان گڏوگڏ نفلن جو به اسان گراف بڻائي وٺون، مثال طور هن مهيني ۾ 5 نمازن سان گڏوگڏ روزانو 10 نفلَ پڙهندُس، پوءِ اينهدڙ مهيني 10 جي بدران 20 نفل، پوءِ ٽئين مهيني 30 نفلَ * ائين ئي  روزن جو به گراف بڻجي سگهي ٿو * تلاتِ قرآن جو * درودِ پاڪ پڙهڻ * ذِڪرُ الله ڪرڻ جو به بڻجي سگهي ٿو، ڪاش! اسان پنهنجو ايمان مضبوط ڪرڻ، دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت وڌائڻ جي لاءِ فڪرمند ٿي وڃون.

الله پاڪ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کي سلامت رکي، سندن هن پُرفتن دور ۾ نيڪ بڻجڻ ۽ ايمان مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اسان کي 72 نيڪ اعمال جي صورت ۾ بهترين نسخو عطا فرمايو آهي، هي 72 نيڪ اعمال